گندرف (انگريزي ٻولي: Sulfur) ۽ آڪسيجن (انگريزي ٻولي: Oxygen) جا ايٽم خاص حالتن ۾ هڪ ٻي سان ملي گندرف جو تيزاب ٺاهين ٿا. گندرف، آڪسيجن ۽ گندرف جي تيزاب مان ٽنهي جي خاصيتن ۾ ڪا به هڪجهڙائي ناهي.

ماڻهو صاف سٿرو کائي ٿو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي شيون اهڙيون ٿين ٿيون، جيڪي جسم جي گهرج ناهن، اهي ڦوڳ جي صورت ۾ نڪري وڃن ٿيون، پر ڦوڳ سان گڏ پيٽ مان هوا، گئس، ٽٽ، ڦوس يا ريح به خارج ٿئي ٿي، جنهن ۾ ڏاڍي ڌپ هوندي آهي، ان گئس جو نالو آهي سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ (انگريزي ٻولي: Sulfur dioxide) ۽ اها پيٽ ۾ ٿيندڙ ڪيميائي عملن (انگريزي ٻولي: Chemical reactions) جو نتيجو هوندي آهي. وڏي ڳالهه اها ته سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ (SO2) ۽ سلفر (گندرف) جي تيزاب جي بناوت ۾ رڳو ٻن آڪسيجن جي ايٽمن جو فرق آهي. [1] [2] [3]

  1. شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-07-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-31 
  2. Sulfur dioxide - Wikipedia
  3. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو