روپلو ڪولهي، 1818ع ڌاري شانتو ڪولهي جي گهر ۾ اک کوليندڙ ۽ ڪيسر ٻائي جي ڪُک مان جنم ورتو. [1] روپلو ڪولهي (Roopilo Kolhi)، انگريزن جي سنڌ تي قبضي خلاف گوريلا ويڙهه ڪندڙ وطن جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سورمون هو. هن ڪارونجهر جي جبلن ۾ لڪي انگريزن خلاف اثرائتيون ڪاروائيون ڪيون. روپلو ڪولهي اصُل ڳوٺ ڪُونڀاري يونين ڪاوُنسل هاڙو، تپو مامچيرو جو رهاڪُو هو ، ڳوٺ ڪُونڀاري ، ڳوٺ ڪويا کان اولھ طرف، کارسر کان اتر طرف، ۽ مامچيرو کان اوڀر پاسي آهي. [2] روپلي جي ويڙهه انگريزن کي تمام گهڻو پريشان ڪيو، نيٺ هڪ ڏينهن کيس گرفتار ڪري ورتائون. انگريزن، روپلي ڪولهيءَ تي ڪيس هلائي کيس بغاوت جي الزام هيٺ 22 آگسٽ 1858ع تي سندس ساٿين سميت ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو.

ٿر دنيا جو ارڙهون ريگستاني علائقو آهي. رڻ ڪڇ ۽ هندستان جي ڀڪ سان 22 هزار چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل سنڌ ڏاکڻي علائقي جو هي علائقو خاص حيثيت رکندڙ علائقو آهي. 1858 ۾ هن علائقي کي چارلس نيپيئر ڪڇ پوليٽيڪل ايجنسي ۾ شامل ڪيو. ۽ 1843ع کان 1858ع تائين حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ سان الحاق ۾ رهيو. پر ان دوران انگريز لاٽ صاحبَ، روپلي ڪولهي جي ڪارونجهر ۽ ٿرپارڪر لاءِ جاکوڙ ۽ مزاحمت جي ڪارڻ ڪڏهن به سک جو ساھ کڻي نه سگهيا. تنهنڪري پوءِ انگريزن هن علائق کي سنڌ کان الڳ ڪري ڪڇ سان ملائي ڇڏيو. روپلو ڪولهي پنهنجي مزاحمت دوران مئي مهيني ۾ 1859ع دوران گرفتار ڪيو ويو ۽ انگريز عذاب گهرن ۾ مٿس ڏاڍو ظلم ڪيو. کانئس سوڍن ۽ راجپوتن جا نالا گهريا ويا جن سان گڏجي ڳچ عرصو روپلو ڪولهي هزارين ڪولهين سان گڏجي مزاحمتي ويڙھ وڙهندو رهيو. روپلو ڪولهي جنهن لڳاتار 16 سال ڏڦن، ڀالن، ڪرپان ۽ گليل سان ويڙھ وڙهي تنهن انگريزن کي پنهنجي هڪ به ساٿي جو نالو نه ٻڌايو. جڏهن کيس چيو ويو ته سوڍا مال ملڪيتون جاگيرون وٺي ٺاھ ڪري چڪا آهن، تون به ٺاھ ڪر ته روپلي چيو ته منهنجي ڌرتي تان قبضو ختم ڪري هتان هليا وڃو. روپلو ساھ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو پر هن انگريز سرڪار آڏو ڪنڌ جهڪائڻ قبول نه ڪيو. [2] [3]

حوالا سنواريو

  1. پريم پارڪري
  2. 2.0 2.1 ڪارونجهر جيڏو قربت رکندڙ ”امر “ روپلو ڪولهي | SindhSalamat, وقت 2018-06-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-08-22 
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام