تعارف سنواريو

ترڪيب سنواريو

هيٺيون گھربل شيون تيار ڪري رکو:

  • پٽاٽا اڌ ڪلو
  • ڊبر روٽيءَ جا سلائيس
  • بصر هڪڙي ڳنڍ
  • ٿُومَ جو پائُوڊر هڪ چانهه جو چمچو
  • انبڙي چُورو هڪ چمچو
  • ڪوتمير
  • لُوڻ
  • تيل
  • پيٺل ڌاڻا

طريقو سنواريو

  1. هڪڙي هنڊيءَ ۾ ڳچ پاڻي ڀري چلهه تي رکو.
  2. مڇيءَ کي پرڻ ۾ رکو ۽ پرڻ کي هنڊيءَ تي رکو.
  3. چلهه چالُو ڪريو.
  4. مڇي ڳري وڃڻ کان پوءِ چلهه بند ڪريو.
  5. تيسين ساون مرچن کي ڪُتريو.
  6. سُڪَل روٽيءَ کي ڪُٽي چورو ڪريو.
  7. هاڻي بصر جي ڳنڍ کي سنهو ڪٽيو.
  8. روٽيءَ جي چئن سلائيسن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ۽ پوءِ نپُوڙيو.
  9. بيدن کي ٽوڙي انهن جي اڇاڻ کي هڪ پياليءَ ۾ وجھو، جڏهن ته ٽڪيون الڳ ڪري ڇڏيو.
  10. ڪوتمير کي سنهو ڪُتريو.
  11. هاڻي مڇي ڳري چڪي هوندي، چلهه کي بند ڪريو ۽ مڇيءَ کي ڪنهن ٿانو ۾ رکي ڪُٽيو.
  12. هاڻي مڇيءَ ۾ لوڻ، ڪُتريل ساوا مرچ، ڪوتمير، ۽ ادرڪ جو پائوڊر ملايو ۽ چڱي نموني مڪس ڪريو.
  13. هاڻي ٿوري ٿوري مڇي کڻي ان جا گول ڪواب ٺاهي هڪ پليٽ ۾ رکندا وڃو.
  14. هاڻي چلهه تي فرائڱ پان رکو.
  15. فرائڱ پان ۾ تيل وجھو.
  16. مڇيءَ جي ڪوابن کي بيدي جي اڇاڻ ۾ ٻوڙي فرائڱ پان ۾ وجھي تريندا وڃو.
  17. مڇيءَ جي ڪوابن کي سڙڻ کان اڳ فرائڱ پان مان ڪڍڻ نه وساريندا.
  18. فرائڱ پان مان ڪڍي پليٽ ۾ رکندا وڃو.
  19. هاڻي وڃي کائو.