ورتائن يا روين جو علم کي انگريزيءَ ۾ بهيويرزم (Behaviorism) چئجي ٿو. آمريڪا ۾ نفسيات جي مضمون ۾ هي نظريو هڪ تحريڪ جي روپ ۾ شروع ٿيو. ان تحريڪ ۾ انسانن ۽ جانورن جي روين جو اڀياس، ذهني لاڙن جي پرک ۽ انسان جي اندروني جذباتي ۽ فڪري وهڪرن جي جاچ پڙتال ڪئي ويئي. ان فڪر جو پهريون ترجمان آمريڪي مُفڪر John Watson (جي بي واٽسن- 1958 کان 1878ع) هئو. اها تحريڪ ويهين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿي. ڏيهان ڏيهي سياست ۾ هي نظريو ڪنهن به ڌُر جي سياسي ورتاءَ کي ڪٿڻ ۽ ڪنهن به واقعي جي نتيجي ۾ امڪاني رد عمل کي معروضي انداز ۾ ماپڻ جو هڪ طريقو آهي. انهيءَ ڏِس ۾ سياسي تبديلين جي حوالي سان رياستي ادارن، مثال طورِ: پارليامينٽ وغيره جي جوڙيل مشاورتي پاليسين کي رد ڪندي، ملڪي اقتدار تي قابض ڪنهن هڪ شخص يا فوجن جي سرواڻي ڪندڙ سپهه سالارن، سياسي پارٽين ۽ ٻين گروهن جي ورتائن ۽ لاڙن جو اڀياس ڪري مُلڪي پاليسيون جوڙيون وڃن ٿيون. ان نظريئي کان پوءِ بين الاقوامي سياست کي هڪ سائنس جو درجو ملڻ لڳو. ڪنهن به ڌُر جي سياسي لاڙن کي سمجهڻ لاءِ هن نظريي تحت انٽرويوز، سيمپلنگ، اسڪورنگ، اسڪيلنگ ۽ انگ اکر وديا يعني شمارياتي انگن اکرن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. [1]