رومن غلامداري رومن معاشرو پنھنجي شروعاتي بادشاھن جي بي دخليءَ کان پوءِ، پھريون پھر ته بلڪل انھن يوناني شھري رياستن جھڙو ئي ڏيکائجي ٿو جڏھن اھو زمين جي مالڪن جي عملداريءَ ھيٺ ھو. (روم ۾ انھن کي پيٽريشين چيو ويندو ھو) ۽ اُتي ھُو سينٽ ۾ گڏ ھئا شروعات ۾ انھن سڀني سياسي حقن تي قبضو قائم ڪري ڇڏيو. پلي بيئر (ننڍي طبقي جا ماڻھو) اقتدار ۾ پنھنجو حصو وٺڻ جي لاءِ ھڪ شاندار جدوجھد ڪئي جنھن ۾ انھن زرعي ھڙتال جي ھٿيار کي استعمال ڪيو، جيڪو قبيلن جي ”سي سيشن“ (رومن پلي بيئنز کي سبق سيکائڻ ۽ مراعتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ روم کي عارضي طور تي ڇڏي ڏنو ته جئين اُھي انھن جي تڪليفن جي داد رسي ڪن) جي شڪل ۾ ھئي. پر پلي بيئنز رڳو غريب ئي نه ھئا. انھن ۾ دولتمند تاجر به شامل ھئا جيڪي پيٽريشين جي رياستي اختيارن ۾ حصيداريءَ جا خواھشمند ھئا. انھن پلي بيئنز تحريڪ جي قيادت ڪئي ۽، جئين ئي انھن کي ان مان جيڪو کپي پيو انھن کي ملي ويو انھن ان کي ڇڏي ڏنو. انھن جدوجھد مان حاصل ٿيڻ وارن يقيني فاعدن مان ھڪ ھي به ھوته قرضي جي ٻوڏ کان آزادي ملي وئي.ھي خال رومن ريپبلڪ جي بي انتھا ڦھلاءَ ۽ فتوحات جي نتيجي ۾،غلامن جي ذخيرن تي ذخيرامالِ غنيمت ۾ حاصل ٿيڻ سان ڀريو ويو. يونانين کان انھن جو فرق ھي ھو ته رومن پيٽريشين اتان جي طاقت ۽ اقتدار سان گڏ پاڻ کي جوڙيل رکيل ھئا. بجائي ان جي جو ھُو حڪمرانن سان مراعتون بٽورن ۽ ان افضائش ۾ پنھنجي مفادن جا ٺيڪا قائم ڪن، انھن غلامن جي محنت کي تمام وڏين ايراضين (انھن فارمن کي ليٽي فنڊيا چوندا ھئا) جي استحصال سان وابسته ڪري ڇڏيو. ائين ڪندي انھن کي مجبوراً پلي بيئنز کي به ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پيو. جيڪي پيدل دستن سان گڏجي رومن فوج جي عظمت کي بنياد ڏئي رھيا ھئا. بي دخل ڪيل فوجي پيادا جڏھن ويھ سالن جون فوجي خدمتون سر انجام ڏئي ڪري واپس ايندا ھئا ته پنھنجي زمينن کي ڊڀن ۽ جھاڙين سان اجڙيل ڏسندا ھا. ھاڻي نه چاھيندي به انھن خانه خرابن کي شھرن جو رخ ڪري بي اجرت خانه بدوش جھڙي پرولتاريه جي شڪل ۾ گڏ ٿيڻو پوندو ھو. پر جئين ته اوڻويھين صديءَ جو سرمائيدار مخالف نقاد سيسمودي چوي ٿو ته ”جديد سماج پرولتاريه جي دم تي پلندو آھي، جڏھن ته رومن پرولتاريه سماج جي مصارف تي پلندا ھئا“. روم ۾ پلي بيئنز کي آزادي ڏيارڻ جي تڪليفن ڀري جدوجھد جي آخري قيادت گريڪس برادرز ڪئي. ٻنھي کي پيٽريشينز جي زرخريدن جي بلوي ذريعي ڪٽيو ويو. پھرين صدي قبلِ مسيح، جيڪا ريپبلڪ جي آخري صدي ھئي، جي رومن سماج جو بحران پنھنجي ماھيت ۾ ٻه شاخو ھو. ھڪ پاسي ته طبقاتي جدوجھد ھڪ بند گھٽيءَ ۾ پھچي چڪي ھئي. تضاد فوج تائين پھچي چڪا ھئا. ھڪ کان پوءِ ٻئي جرنل پنھنجي سياسي مقصدن جي حصول جي لاءِ پنھنجي سپه جي مدد لاءِ زمينون ڏيڻ جا واعدا ڪندي گڏ جوڙيو جيڪا ھي پلي بيئنز پنھنجي جدوجھد سان حاصل نه ڪري سگھيا ھئا ٻيو ھاڻي ٻئي پاسي ھڪ ننڍڙي ڪجهه ماڻھن جي حڪومت پنھنجن بدعنوان صوباعي گورنرن ۽ تحصيل دارن ذريعي ھڪ دنيا تي حڪومت ڪري رھي ھئي. حڪمرانيءَ جو ھي طريقو قطعاً نامناسب ھو. ھي پاڻ سان گڏ سماجي جنگين کي کڻي آئي، جڏھن روم جي اطالوي اتحادين شھرين جي حقن جو آواز اٿاريو . رومنين کي پنھنجي فتح جو بس ھڪ ئي چارو ھو اھو ھي ته اطالوي اتحادين کي شھريت جا حق ڏئي ڪري پاڻ سان گڏ رکيو وڃي. ان ڪري ھڪ کان پوءِ ٻيو فوج وارو ادارو اقتدار جي خال کي ڀريندي ذاتي اقتدار کي وڌائيندو رھيو. ايستائين جو آگسٽس سيزر خاص طور تي اطالوي مالڪن زمين تي ڀاڙيندي جن کي ھو حڪومت ھلائڻ جو عنديو ڏئي چڪو ھو ريپبلڪ کي ڇڏي ڏنو. آھستي آھستي سڀئي شھري بڻجي ويا ۽ مراعتون بي معني ٿي ويون. سڀ جا سڀرومي سلطنت جي معمولي رعايا ھئا. فرانس جي شھنشاھ نپولين بوناپارٽ جي پاليسين کي ان تي تنقيد ڪرڻ وارا ائين ئي ”سيزرازم“ نه چوندا ھئا. گروھن ۽ طبقن جي وچ ۾ ھڪجھڙو ھڪ ئي طرح جو توازن ٻنھن جي ذاتي طاقت جي حصي جي خاصيت ھئي. آگسٽس سيزر ھڪ ڊگھي عرصي تائين امن قائم ڪري ڇڏيو ھو. پر ھڪ غلاميءَ تي دارومدار رکندڙ بادشاھت جي لاءِ امن جنگ کان وڌيڪ موتمار ھوندو آھي. غلامن جي پھنچ گھٽ ٿيندي وئي ۽ غلامن جون قيمتون خوفناڪ حد تائين وڌڻ لڳيون. روم پنھنجي طبعي حدن تائين پھچي چڪو ھو. ان کي چئن طرفن کان اُھي قبيلا گھيري چڪا ھئا جن کي اسين بربرن جي نالي سان ڄاڻون ٿا، جن تي روم ڪڏھن به فتح ياب نه ٿي سگھيو. ان صورتحال ۾ غلاماڻي پيداوار جي حدن پنھنجو پاڻ ڏيکاريو. پيداوار ۾ غلام جو حصو نه ھو. ھُو ته رڳو چھبڪ جي خوف کان ڪم ڪندو ھو. آزاد ماڻھُ محنت کي ذليل خيال ڪندا ھئا جنھن کي ھُو ”انسٽرو مينٽم ووڪيل“ ھئڻ سان گڏ جوڙيندا ھئا، ”آواز جي حامل ملڪيت “ جن کي رومن قانوندان ”سيلو“ يعني غلام چوندا ھئا. رومن معاشري جو الميو ھي ھو ته اُتي طبقاتي ڪشمڪش جون ٽي ڪنڊون ھيون. غريب آزاد ماڻھوءَ جو مقابلو وڏي غلامدارن سان ھو، پر مصيبت ھيءَ ھئي ته ان جو آزاد ھجڻ ان کي ان سان گڏ جوڙي رکندو ھو. انڪري ان جو ۽ ان جي جابر مخالفن جو مقصد سدائين ھڪ رھندو ھو ته فوجي يورشن جي ذريعي غلامن جي ذريعي وڌيڪ زمينون حاصل ڪيون وڃن ۽ غلامن جي بغاوتن کي ڪچليو ويندو رھي. غلام پنھنجي طور ٿي ھڪ اھڙي دنيا ۾ رھندا ھئا جٿي غلاميءَ کي ابدي سمجھيو ويندو ھو. بادشاھت کي ھڪ رکڻ جي ڦوڪڻي وانگر ڦھلجندي ھڪ ديو ھيڪل رياستي طاقت کي جنم ڏنو جيڪو محصولات جي صورت ۾ وڌيڪ پيداوار جو ھڪ عظيم حصو ڳڙڪائي ويندي ھئي. استبدادي شھنشاھيت ھٿان تخليق ڪيل فوج ئي ھڪ اھڙي خود مختيار طاقت ھئي جيڪا انھن بي حيثيت انسانن اندر مرڪزي طور تي نگراني ڪري سگھڻ جي قابل ھئي. ان طرح ڪيئي سو سالن تائين پنھنجي مرضيءَ تي شھنشاھ ٺاھيندا ۽ لاھيندا رھيا. شھنشاھن وٽ ان کان بچي نڪرڻ جو رڳو ھڪ ئي رستو رھجي ويندو ھو ته فوج کي سرحدن کان ھٽائي ڪري انھن محافظ فوجيسالارن تي چڙھائي ڪن. ان معاملي ۾ جيڪو ڪجهه به ڪيو ويو بھرحال ان وڏي پئماني تي تضادن کي نئين سر اڀاريو. جڏھن شھنشاھ سيپٽي مَس سيويرَس انتقال ڪيو ته اُن پنھنجي سياسي بصيرت جو جوھر ڪڍي ڪري ان وصيت ۾ پٽن جي حوالي ڪيو ”بس فوجين کي نوازيندا رھو....... باقي سڀ خير آھي“. روم جي سلطنت ۾ ھيءَ ڪائي راز جي ڳالھ نه ھئي ته رياست پنھنجي جوھر ۾ ”ھٿيار بند ماڻھو“ ئي ھوندا ھئا. افزودگيءَ جي زوال سان تجارت به قدرتي طور تي متاثر ٿي ۽ زمين جي مالڪن جون ڪوٺيون به لڳاتار پاڻ انحصاريءَ طرف وڌنديون رھيون. انھن جو ارتقا قرونِ وسطي جي جاگيرن (اڳتي انھن جو ذڪر ايندو) وانگر ٿي رھيو ھو جيڪي انھن جي جاءِ وٺڻ واريون ھيون. ٽئين صديءَ ۾ دولت مھنگائيءَ جي صورت ۾ وڌيڪ منھن ڪڍيو. شھنشاھن شين تي ٽئڪس لڳائيندي ان ڳالھ جو اطمينان رکيو ته ھو بلڪل نه ٿي رھيا آھن. ان سان گڏوگڏ ھو پيٽريشيئنز (زمين جي مالڪن) جي طنقي کي به، جيڪي سياسي حقن کان محروم ٿي چڪا ھئا، عمارتن ۽ تماشا گاھن تي وڏي وڏي رقم ھڻڻ تي مجبور ڪندي لڳاتار نچوڙي رھيا ھئا. زمين جا مالڪ جواب ۾ جان بچائي ڪري پنھنجي پاڻ پاڙيندڙ ڳوٺاڻين ملڪيتن طرف فرار جو رستو پڪڙيندا رھيا. آخر غلام داري مرڻ شروع ٿي وئي. پر عام خيال جي ابتڙ اھو مسيحت جي انسانيت سان ڀرپور پيغام جي بدولت نه ٿيو ھو پر سادي ڳالھ ائين آھي ته ھي وڌيڪ ڪجهه ڏيڻ کان سنڍ ٿي چڪي ھئي. سماج کي پيداوار جي غلاماڻي طريقي کان اڳتي وٺي وڃڻ جو رڳو ھڪ ئي رستو رھجي ويو ھو ۽ اھو ھو ڪاميابيون يا فتوحات ڪيون وڃن ۽ وڏي پئماني تي غلام پڪتا وڃن جن کان ڪجهه سال انھن جي موت تائين دٻائي ڪري ڪم ورتو وڃي ۽ وري انھن جي جاءِ تي ٻيا غلام پڪڙي آندا وڃن. ھي فتوحات ھٿياربند رومن پلي بيئن فوجن جي ذريعي ئي ممڪن ھيون. پر وڏن وڏن فارمن تي مشتمل غلام ڪارگاھون (ڪم ڪرڻ جون جايون) پلي بيئنز کي برباد ڪري چڪيون ھيون. ان وقت رومين وٽ فوج ۾ ڀرتيءَ جي لاءِ بربر ڪِرائي جي فوجين کانسواءِ ڪوئي ميسر نه ھو. انڪري روم جي سلطنت کي بربرن جي ھٿان بچائڻ جي لاءِ بربرن جي ھٿ سونپيو ويو. ظاھر آھي سلطنت ڪِرائي جي وقت تي گذارو ڪري رھي ھئي. غلامي اڃان به اھم ھئي. خاص ڪري امرائن جي گھرن ۾ خدمت گذاريءَ لاءِ پر ھيءَ بطور غالب پيداوار جي طريقي ھئڻ جو آھستي آھستي پنھنجو مقام وڃائيندي رھي ھئي. پيداوار ۽ تجارت جي کوٽ سان زمين جي مالڪن تي ھي ظاھر ٿي چڪو ھو ته ماڻھن کي زمين تي ڪم ڪرڻ جي عيوض سڄو سال کارائڻ ڪوئي منافعي بخش سودو ڪونه ھو. ڇوته زمين جي ڪم جو قدرتي بيھڪ ئي ڪجهه ان ريت آھي ته اڌ وقت بي ڪاريءَ ۾ گذرندو آھي. ان کان ڪيترو ئي بھتر ائين ھو ته بيڪاريءَ جي ان زماني ۾ انھن کي پنھنجي مال پاڻي ھلائڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ھا. ان ريت غلامن کي زمينن جا ٽڪرا پٽي تي ڏنا وڃڻ لڳا جٿان انھن کي پنھنجي پيداوار مان پنھنجي ۽ پنھنجي خاندان جي بقا جي لاءِ لازمي حصو ڪڍي ڪري ھڪ باقاعدي حصو زمين جي مالڪ کي ڏيڻو ھوندو ھو. رياست به پنھنجي حصولن جو وڏو حصو ايراضيءَ تي ٽئڪس لڳائي ڪري حاصل ڪندي ھئي. جيڪو ھارين مان ئي نچوڙيو ويندو ھو. وقت سان گڏوگڏ ھي ھاري پنھنجي فطرتي ميراڻ سبب قرضن جي بار ھيٺ دٻجندا ويا جيڪو خراب فصل ھئڻ جو ھڪ عام نتيجو ھوندو ھو. ھي ماڻھوزمين گڏ ئي ھڪ غلام جھڙي ئي حيثيت ۾ ٻڌجي ڪري رھجي ويا ھئا. ان کي ”ڪولونيٽ پيريڊ“ چيو ويندو آھي. آخرڪار مغربي سلطنت پٽي اڇلائي وئي. اھڙو بربرن جي جارحاڻن حملن جي ڌمڪين وغيره سبب نه پر سلطنت جي اندروني طور سڙي ڳري وڃڻ سبب ٿيو. اسان ڏٺو آھي ته پيداواري قوتون پھريون ئي زوال پذير ھيون ۽ زوال جو اھو رجحان ”ڪولونيٽ“ يعني پٽي تي ڪم ڪرڻ وارن ھارين ۾ به ھو، جيڪو جاگيرداريءَ ۾ ظاھر ٿيڻو ھو جيڪا ھاڻي پنھنجي ظھور جي مرحلن ۾ ھئي........