روبوٽ (Robot) ڪمپيوٽر سان ڪنٽرول ٿيندڙ هڪ مشين، جيڪا ڏکين ڪمن سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت رکندي آهي. روبوٽ کي اليڪٽرونڪ سرڪٽ حرڪت جي قابل بڻائن ٿا. اهي سرڪٽ فاصلي کان ايندڙ ريڊيو سگنلز سان ڪنٽرول ٿين ٿا. روبوٽ ڪنھن بہ شڪل يا ڪنھن بہ سائيز جا ٿين ٿا. روبوٽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي خطرناڪ ڪم سرانجام ڏيئي انسانن جي جان بچائي سگهن ٿا. مثال طور ڪنھن جاءِ تي بارودي سرنگهہ لڳل هجڻ جو شڪ هجي تہ اتي ان کي ناڪاره بنائڻ واري عمل ۾ ڪو بہ ڪارڪن حفاظتي اپاءَ وٺڻ باوجود مري سگهي ٿو. اهڙين ڪاررواين لاءِ روبوٽ استعمال ڪيو ويندو آهي.[1]


تاريخ سنواريو

روبوٽ سڀ کان اول ٻارهين صديءَ ۾ الجزائري نالي هڪ مسلمان سائنسدان ايجاد ڪيو هو، جنھن بعد ان مشين ۾ وقت بہ وقت جدت آندي وئي ۽ روبوٽ ڏکين ۽ خطرناڪ ڪاررواين لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو.[1]

ڪارج سنواريو

روبوٽ خطرناڪ ڪمپليڪس ختم ڪرڻ لاءِ بہ فائديمند ثابت ٿئي ٿو ۽ ان کانسواءِ وڏين وڏين فئڪٽرين ۾ هڪ ئي عمل گهڻا ڀيرا ورجائڻ ۾ روبوٽ بھترين انداز ۾ ڪم سرانجام ڏيندا آهن. پر انهن روبوٽن کي بہ انسان ئي ڪنٽرول ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ روبوٽ ڪنھن غير معمولي صورتحال کي حل نہ ٿا ڪري سگهن.

روبوٽ ڪنھن معلومات جي بنياد تي فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن. ڪجهہ روبوٽ سکي بہ وٺن ٿا. هڪ ڀيرو ڪو بہ عمل ناڪام ٿيڻ بعد ٻيو ڀيرو ساڳيو عمل نٿا دهرائين، پر ڪو بہ روبوٽ اليڪٽرونڪ سرڪٽ جيترو بہ سٺو هوندو آهي، ڪمپيوٽر ٽئڪنالاجي اوتري وڌيڪ ڏکي ۽ حساس ٿي وڃڻ سان گڏوگڏ سمجهدار ٿيندا ويندا آهن. ماهرن جو خيال آهي تہ ايڪيھين صديءَ ۾ زندگيءَ ۾ روبوٽ جو عمل دخل گھڻو وڌي ويندو. روبوٽ جذبات محسوس نٿا ڪري سگھن، پر انهن ۾ حساسيت پيدا ڪري سگهجي ٿي. ٽيليوزن، ڪئمرا ۽ روشني محسوس ڪرڻ وارا سيل روبوٽ لاءِ ڏسي سگھن ٿا. هي اليڪٽرانڪ صلاحيتون روبوٽن کي انسان وانگر محسوس ڪرڻ جي سگهہ ڏين ٿيون. روبوٽ کي زمين کان ڏور ستارن، مثال طور مريخ تي بہ موڪليو ويو آهي، جيڪي اتي لٿا. اهو عمل انتھائي مشڪل هو. روبوٽ مريخ جي سطح تان مٽيءَ جا نمونا کڻي اچي انساني زندگي تلاش ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ ۾ انسان جي مدد ڪئي ۽ سائنسي ڪارنامن ۾ اهم تجربا سرانجام ڏنا آهن.

روبوٽ انسان سان ڏکئي کان ڏکئي ۽ خطرناڪ ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پھرين روبوٽ مشين (Lunal) جنوري 1959ع ۾ چنڊ جي سطح کان 6000 ڪلوميٽرن جي مفاصلي کان گذري. ڌرتيءَ ۽ چنڊ جي نظام کان پري پھرين ڪامياب فلاءِ باءِ مشين (Morinerz) هو، جيڪو ڊسمبر 1962ع ۾ زهره سياري جي سطح کان 35000 هزار ڪلوميٽرن جي مفاصلي کان گذريو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "روبوٽ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-03-23.