رضاڪارن جي پيشقدمي

رضاڪارن جي پيشقدمي(انگريزي: March of Volunteers )[1][2] عوامي جمهوريه چين جو قومي ترانو آهي. اھو ڪلاسيڪي چيني ۾ نہ پر روايتي چيني ۾ لکيل آهي.

رضاڪارن جي پيشقدمي
English: March of the Volunteers

اصل جيڪو 1935ع ۾ جاري ٿيو

 عوامي جمهوريه چين جو قومي ترانو
ٻول تيان ھان, 1934
ڌن نائي آر, 1935
اختيار ڪيو ويو * 27 سيپٽمبر 1949 (عارضي)
  • 4 ڊسمبر 1982 (سرڪاري طور تي)
  • 1 جولاءِ 1997 (ھانگ ڪانگ)
  • 20 ڊسمبر 1999 (ميڪائو)
  • 14 مارچ 2004 ( آئيني)
  • 1 آڪٽوبر 2017 (قانوني بڻايو ويو)
ٻڌو
"رضاڪارن جي پيشقدمي" (سازن سان)
رضاڪارن جي پيشقدمي
لغوي معنی جپانين جي خلاف پيشقدمي ڪندڙ رضاڪارن جي فوج
نائي آر (کاٻي پاسي) ۽ and تيان ھان (ساڄي پاسي), شنگھائي ۾ 1933ع ۾ نڪتل ڦوٽو

ان جا ٻول چين تي جاپاني قبضي واري دؤر ۾ ھڪ چيني شاعر تيان ھان 1934ع ۾ لکيو[3]. 1935ع ۾ ان جي ڌن يونان جي موسيقار نائي آر مشھور فلم چلڊرين آف ٽربلڊ ٽائيمز (ڏکي وقت جا ٻار) جي لاء تيار ڪئي.

فلم: چلڊرين آف ٽربلڊ ٽائيمز(1935) جو پوسٽر، جنھن ۾ ھي ترانو پھريون ڀيرو ڳاتو ويو

1949 ۾ ان کي جمھوريه چين جي قومي تراني جي جاء تي عوامي جمهوريه چين جي عارضي تراني طور اختيار ڪيو ويو. 1960 واري ڏھاڪي ۾ آيل ثقافتي انقلاب دوران جڏهن تيان ھان کي گرفتار ڪيو ويو تہ ان عارضي تراني جي جاء تي نئون ترانو: سرخ مشرق اختيار ڪيو ويو جيڪو بغير ٻول جي وڄايو ويندو هو. بعد ۾ ڪجهه تبديلي آڻي ٻول سان وڄايو ويندو هو. 1982ع م ٻيھر رضاڪارن جي پيشقدمي کي سرڪاري طور تي قومي تراني جو درجو ڏنو ويو. 1997ر م ھانگ ڪانگ ۽ 1999ع ۾ ميڪائو پڻ ان کي بطور قومي تراني جي اختيار ڪيو. ان تراني کي چين جي آئين ۾ پڻ شامل ڪيو ويو.

چلڊرين آف ٽربلڊ ٽائيمز نالي فلم ۾ ڳاتل رضاڪارن جي پيشقدمي نالي ڳاتل تراني جي وڊيو ڪلپ

حوالا سنواريو

  1. 《中华人民共和国国歌》 [Zhōnghuá Rénmín Gònghéguó Guógē, "National Anthem of the People's Republic of China"]. State Council of the People's Republic of China (Beijing), 2015. Accessed 21 January 2015. Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).
  2. "National Anthem" آرڪائيو ڪيا ويا 4 December 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. State Council of the People's Republic of China (Beijing), 26 August 2014. Accessed 21 January 2015.
  3. Huang, Natasha N. 'East Is Red': A Musical Barometer for Cultural Revolution Politics and Culture, pp. 25 ff.[مئل ڳنڍڻو]