رشيد وڳڻ (يو سي)

(رشيد وڳڻ کان چوريل)


رشيد وڳڻ (انگريزي: Rasheed Wagan) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل، ديھ ۽ ڳوٺ جو نالو آهي جيڪي لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهن. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 5 پڻ چوندا آهن. 2017 جي آدمشماري مطابق يو سي جي ڪل آبادي 11,853 ۽ ديھ جي آبادي 5,411 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ رشيد وڳڻ لاڙڪاڻو-نصيراباد روڊ (قومي شاھراھ اين 255) تي واقع ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ وڳڻ، سامٽيا، جماراڻي (ابڙا)، شيخ، گاڏھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ عثمان جماراڻي، ڳڙھي غلام علي، ڳوٺ گاھي خان سامٽيو، ڳوٺ رشيد وڳڻ، ڳوٺ ڀائي خان وڳڻ, ديھ جماراڻي (آبادي 4,257)، ديھ لنگھ (آبادي 2155) ۽ ٻيا شامل آهن.

رشيد وڳڻ
يو سي 17 رشيد وڳڻ
يونين ڪاؤنسل، ديھ ۽ ڳوٺ
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 5
رشيد وڳڻ is located in سنڌ
رشيد وڳڻ
رشيد وڳڻ
رشيد وڳڻ is located in Pakistan
رشيد وڳڻ
رشيد وڳڻ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°28′28″N 68°05′22″E / 27.47444°N 68.08944°E / 27.47444; 68.08944مڪانيت: 27°28′28″N 68°05′22″E / 27.47444°N 68.08944°E / 27.47444; 68.08944
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
ٿاڻو رشيد وڳڻ ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 11,853

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين الطاف حسين شيخ ۽ وائيس چيئرمين ذوالفقار گاڏھي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڀائي خان وڳڻ جو عبدالغفار وڳڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. ڳوٺ رشيد وڳڻ ۾ سرڪاري پرائمري اسڪولن سميت ھڪ سرڪاري ھاء اسڪول پڻ آھي. ڳوٺ رشيد وڳڻ ۾ ھڪ سرڪاري ڊسپينسري موجود آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. رشيد وڳڻ ڳوٺ ۾ ٿاڻو پڻ موجود آهي.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/