رخسانه پريت چنڙ (انگريزي:Rukhsana Preet Chanar)سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر آهي.[1]

رخسانه پريت چنڙ

زندگي جو احوال سنواريو

رخسانه پريت جو پورو نالو رخسانه ڌيءَ محمد صديق چنڙ آهي. سندس والدين نوابشاه ۾ رهن ٿا پر هن جو جنم ڪاري موري هير آباد حيدرآباد ۾ 23 آگسٽ 1967ع تي ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول غريب آباد نوابشاه مان حاصل ڪئي پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه مان 1993ع ۾ ايم بي بي ايس ڪئي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ ميڊيسن ۾ 6 مهينا هائوس جاب ڪيائين 1998ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ڪواليفاءِ ڪيائين فيبروري 2000ع ۾ مشهور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ سان شادي ڪيائين ڊاڪٽر رخسانه 1999ع کان 2000ع ۾ وزيراعظم جي خانداني منصوبابندي ۽ بنيادي صحت واريپروگرام هيٺ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر طور ضلعي نوابشاه ۾ ڪيائين ان بعد 2000ع کان 2002ع تائين ميڊيڪل آفيسر طور ڪوٽڙي رهي جنهن کانپوءِ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ هاسٽل قاسم آباد ۽ دارالامان قاسم آباد ۾ ميڊيڪل آفيسر رهي آهي.[2]

ادب ۽ شاعري سنواريو

رخسانه پريت 1988ع،1989ع واري دور ۾ نوابشاه جي ڪيترن ئي ادبي سماجي ۽ سياسي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي پي ايم سي ۾ پڙهڻ دوران لطيف ڏهاڙي جي ڪمپيئرنگ ڪئي 1993ع دوران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ادبي پروگرامن ۾ ڪمپيرنگ ڪيائين سندس شاعري جو هڪ ڪتاب ( پياسي ساڀيان جل ٿل خواب ) 1997ع ڇپيل آهي. جڏهن ته ماهوار ادب مارچ 2004ع ۾ سندس خاص ڪارنر رخسانه پريت ڇپيل آهي هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ عورتن جي تنظيم وومين ايڪشن فارم حيدرآباد جي ميمبر آهي پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ سرگرمي سان حصو وٺندي رهي ٿي[3]. تازو 2014غ ۾ سندس غزلن جو هڪ مجموعو ( نگاهن جا سجدا) ڇپيو آهي.سندس ڪتاب نگاهن جا سجدا کي سنڌي لينگئيج اٿارٽي طرفان سال 2014 جو شاعري جوبهترين ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو[4][2][5]

حوالا سنواريو

  1. "Bio-bibliography.com - Authors". www.bio-bibliography.com. حاصل ڪيل 2020-01-27. 
  2. 2.0 2.1 "پريت رخسانه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-27. 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-08-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-20 
  4. Sindh Express News Story[مئل ڳنڍڻو]
  5. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-01-27.