رجني ڪانت (انگريزي: Rajnikanth)، پيدائشي نالو شيواجي راءُ گائيڪواد، پيدائش 12 ڊسمبر 1950ع، ھندوستاني اداڪار، پيشڪار ۽ اسڪرين ليکڪ آھي، جيڪو بُنيادي طور تي تامل فلمن ۾ ڪم ڪندو آھي. ھن چئن تامل ناڊو اسٽيٽ فلم بيسٽ ايڪٽر ايوارڊ ۽ ھڪ فلم فيئر بيسٽ تامل ايڪٽر ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا آھن. ھندوستان جي حڪومت پاران کيس پدما ويڀوشن (2016ع) ۽ پدما ڀوشن (2020ع) جي اعزاز سان نوازيو ويو آھي. چوٿين وِجي ايوارڊس ۾ کيس ھندوستاني سئنيما ۾ بھترين ڪم عيوض چيوالائير شيواجي گڻيسن ايوارڊ مليو. 2014ع ۾ 45 ھين عالمي انڊين فلم فيسٽيول ۾ کيس "سينٽينري ايوارڊ فار انڊين فلم پرسنيلٽي آف دَ ييئر" سان نوازيو ويو. 2019ع ۾ عالمي انڊين فلم فيسٽيول جي 50 ھين ايڊيشن جي موقعي تي کيس "آئيڪون آف گلوبل جوبلي ايوارڊ" سان نوازيو ويو. ھن کي تامل سئنيما جي تاريخ ۾ ايم جي راماچندرن کانپوءِ ٻئي نمبر تي سڀني کان وڌيڪ ڪمائيندڙ اداڪار طور ڏٺو ويندو آھي. 67 ھين نيشنل فلم ايوارڊس جي موقعي تي کيس ھندوستاني سئنيما جي شعبي ۾ وڏي ۾ وڏي ايوارڊ دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

رجني ڪانت 2018ع ۾

حوالا سنواريو