رباب

موسيقيءَ جو ساز

رباب هڪ ساز جو نالو،هڪ ساز، رباب، بين ، سارنگي تنبورو، ستار جو هڪ قسم هن ڪٽنب جا ڪيئي ساز دنيا ۾ وڄايا وڃن ٿا. هن کي ’ليوٽ‘ (Lute) چوندا آهن.[1]

Lute

Various lutes
strings
صنف بندي
حورنبوستل_سچس درجه بندي 321.321-5
(Composite chordophone sounded by the bare fingers)
ترقي Classical antiquity (early lutes) Middle Ages (modern lutes)
لاڳاپيل اوزار

هڪ روايت موجب فيثا غورس هيءُ ساز ايجاد ڪيو هو. ايران ۾ 800 قم اهو ساز استعمال هيٺ هو، جيڪو عدد جو جدا امجد آهي. اسلامي فتح کان پوءِ هي ساز عرب دنيا ڏي ويو ۽ اتان يورپ ڏانهن اسهيو. هي ساز عود وانگر ڪاٺ مان ٺهيل آهي. پر چيني ساز پيپا (Pipa) ۽ جپاني ساز بيوا (Biwa) سان ملندڙ آهي ڇو ته اهي ساز به اصولي طور بربط مان نڪتل چيا وڃن ٿا. اڳتي هلي يورپ جو مشهور ساز مينڊولين به هن جي هڪ سڌريل صورت سڏي سگهجي ٿي. پر پوءِ جا ساز شڪل ۾ ايراني بربط کان گهڻو مختلف آهن.[1]

هن جي ڦڻي ۾ 40 تارون لڳل ٿين ٿيون، جيڪي مٿي کان هيٺ واري صورت ۾ لڳل ٿين ٿيون، جي مٿي کان هيٺ واري صورت ۾ لڳل ٿين ٿيون. ترتيب ۾ هر مٿين تار کان هيٺين تار ننڍي آهي؛ ان ڪري هيٺيون پاسو سوڙهو ۽ مٿيون ويڪرو ڀاسي. هي هڪ نفيس چوب سان وڄايو ويندو آهي. فارسي ۾ بر= بدڪ، بت= سينو، يعني بدڪ جي سيني جهڙي کوکي وارو ساز، فرات جي اوڀر ڪناري واري Hiara شهر کان آيل به چون ٿا. قديم ايراني هن کي رود به چوندا هئا، جو هي تاري ساز آهي. جڏهن ايران کان عربستان ويو ته به هن کي ڪاٺي مان ٺاهيو ويندو هو. ڪن جو چوڻ آهي ته بربط اصل ۾ عود آهي، پر هن ۾ گهڻيون تبديليون ٿيل آهن. عود عربي ۾ ڪاٺي کي چئبو آهي. هن جو کوکو عود کان مختلف ۽ وڏو ناسپاتي نموني جو ٿئي. هن جو هٿيو يا ڳن ننڍو هوندو آهي. ان ڪري لڳندو ته تارون ڄڻ طبليءَ تي رکيل آهن. هن جون ڏهه تارون پنجن ٻِٽُن ۾ ورتيل آهن. ساز مضراب سان وڄندو، جو گهڻو ڪري مور يا ڪڪڙ جي کنڀ مان ٺهيل ٿئي. ستار جي آڪهه جو هي ساز هلڪو، نرم ۽ اداس آواز ڪڍي ٿو.[1]

يورپ جي ڪن حصن ۾ هي ساز مختلف نالن سان سڏجي ٿو. اٽلي ۾ Lotto، فرانس ۾ Loth، پورچوگال ۾ Aland ۽ اسپين ۾ Loud. بربط کي گٽار وانگر جهلبو آهي. بربط جا مکيه ٽي ڀاڱا آهن. 1 آوازي کوکو، 2 آنڱرين رکڻ وارو تختو، 3 مڙيل پٺ وارو ڳيٽين يا ڪلين لاءِ دٻو.[1]

آوازي گونج وارو کوکو: هن جي جوڙ ناسپاتي جي شڪل جهڙي آهي ۽ ٻين حصن کان وڏو حصو آهي. هي پٽ ياتري ۾ ٽي سوراخ هڪ وڏو ۽ ٻه ننڍا پر ڄاريدار ٿين. آڱرين رکڻ وارو تختو؛ هي ننڍو ٿئي ۽ هن تي بند ڪونه ٿين.[1]

ڳيٽين وارو مڙيل دٻو: هي حصو خاص آهي جو سرن هلائڻ لاءِ هتي ئي ڳٽيون لڳل آهن. هن ساز جو بوتو، ڳيٽين وارو مڙيل دٻو، سوراخن جون ڄاري ۽ ڳيٽيون اخروٽ جي ڪاٺي جون ٿين. مٿيون پٽ ديال جي ڪاٺ جو هوندو آهي. کونٽي (Nut) هڏي يا پلاسٽڪ جي بعضي ڳٽيون آبنوس جون به ٿين. تارن ٻڌڻو صنوبر جو ٿئي. هن جو کوکو هڪ يڪو ٿئي جيڪو ڦتيلن مان ٺهي، جي توت يا ٻئي ڪنهن فروٽ ڪاٺي جي تختين کي گرم پاڻي ۾ نرم ڪري ٺاهين.[1]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.