راڻي جو چچ تي عاشق ٿيڻ

چچ برهمڻ، هڪ خوبصورت، سهڻن عضون، سٺي هاٺي ۽ لال ڳلن وارو نوجوان هو. راڻيءَ جڏهن سندس سهڻي صورت ۽ قد ڏٺو ته مٿس جان ۽ دل سان عاشق ۽ ديواني ٿي پيئي، ۽ سندس سونهن ، صورت ۽ پوشاڪ تان حيران ٿي، سندس وڻندڙ لفظن تي دل ڦـُـرائي ويٺي . چچ جي محبت سندس دل ۾ گهر ڪيو، عشق جو سلو، راءِ جي زال جي دل واري زمين ۾ وڌي وڻ ٿيو. راجا کي ٻار پيدا ڪرڻ جي لياقت ڪانه هئي، تنهن ڪري راڻيءَ کي منجهانئس ڪو به فرزند ڪونه هو. آخر هڪ ڪراڙي ڌوتيءَ هٿان پيغام موڪليائينس ته: اي چچ! تنهنجي پنبڻين جي تير منهنجي دل کي ڦٽي وڌو آهي، ۽ تنهنجي جدائي جو زنجير هر وقت منهنجي ڳچيءَ جو ڳٽ ٿي پيو آهي، مون کي اميد آهي ته تون پنهنجي وصال جي دواخاني مان منهنجو علاج ڪندين، ۽ همدرديءَ جي هٿ سان اهو ڳٽ منهنجي ڳچيءَ مان کوليندين، ۽ پنهنجي محبت جي هار ۽ ٻانهپ جي واليءَ سان منهنجي ڳچيءَ ۽ ڪنن کي سينگاريندين ۽ جيڪڏهن تون منهنجو هي عرض قبول نه ڪندين ته مان پاڻ کي خون ڪري ڇڏينديس. [1] [2]