راند واري سفارتڪاري

راند واري سفارتڪاري يا پنگ پانگ ڊپلوميسي (Ping Pong Diplomacy) هڪ سفارتي اصطلاح آهي، پراڻي زماني کان چيني سماج ۾ راند جي وڏي اهميت رهي آهي، انهيءَ ڪري منڍ کان وٺي حڪومتي معاملن ۾ بہ راند جي اهميت کي ڪتب آندو پئي ويو آهي. ان سلسلي جو هڪ مثال چين-آمريڪي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ جي حوالي سان گذريل صديءَ ۾ بہ نظر آيو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل ڳجهن رابطن جي نتيجي ۾ ٿيل ويجهڙائپ کي پڪو ڪرڻ لاءِ چين طرفان جاپان جي دوري تي ’عالمي ٽيبل ٽينس جي چيمپينشپ‘ لاءِ آيل آمريڪي ٽيم کي ٽيبل ٽينس (هن راند کي پنگ پانگ جي نالي سان بہ سڏيو ويندو آهي) جي ٽيم کي 6-اپريل 1971ع ۾ چين جي دوري جي دعوت ڏني. ان دعوت جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سنون سڌن رابطن جي ابتدا ٿي ۽ نتيجي ۾ اڳتي هلي صدر رچرڊ نڪسن (Richard Nixon) جو چين جو دورو ٿيو ۽ ٻنهي ملڪن سفارتي لاڳاپا شروع ڪيا. اڄوڪي دور ۾ راندين جي وفدن جي مٽا سٽا ذريعي سفارتي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ ’پنگ پانگ سفارتڪاريءَ‘ جو اصطلاح ڪتب ايندو آهي.ق[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آن لائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد