راما نوامي (هندي: राम नवमी) هڪ هندن جو ڌرمي ميلو آهي، جيڪو بهار جي مُند ۾ سنڌي مهيني چيٽ جي نائين ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن کي وشنو جي ستين اوتار رام جو جنم ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو[1]. رام خاص طور تي هندومت جي وشنويت روايت ۾ اهم آهي.[2][3] اهو ميلو وشنو جي پرڪٽ ٿيڻ کي رام اوتار طور ملهايو وڃي ٿو، رام جو جنم ايوڌيا ۾ راجا دشرٿ ۽ راڻي ڪوشليا جي ذريعي ٿيو.[4] هي ميلو بهار (وسانتا) نوراتري جو هڪ حصو آهي، ۽ سنڌي ڪيلينڊر ۾ پهريون مهينو چيٽ جي روشن اڌ (شڪلا پڪشا) جي نائين ڏينهن تي پوي ٿو. اهو عام طور تي هر سال مارچ يا اپريل جي گريگورين مهينن ۾ ٿئي ٿو.[5] راما نوامي هندستان ۾ هڪ اختياري سرڪاري موڪل آهي.[6]

آرچا مندر ۾ رام جي ٻالڪ روپ ۾ پينٽنگ

حوالا سنواريو