ذهني دٻاءُ
هن مضمون'جو ڍنگ يا انداز انسائيڪلوپيڊيا ڍنگ تي استعمال ڪيل وڪيپيڊيا ڍنگ جي عڪاسي نٿو ڪري.. |
ذهني دٻاءُ , اِسٽريس, ڇڪ، زور، شدت ، يا ته فزيولوجيڪل يا حياتياتي حالت جهڙوڪ دٻاءُ جو هڪ ماحولياتي ردعمل جي هڪ حالت آهي
سببسنواريو
ننڊ جو گھٽ اچڻسنواريو
ذهني دٻاءُ ڪارڻ انسان کي ننڊ جا مسئلا پيش ايندا آهن جنھن ڪارڻ انکي ننڊ ناهي ايندي ۽ نہ ئي سڪون يا آرام ڪري سگھبو آهي انڪري گھڻي ذهني دٻاءُ جو ڪارڻ هڪ نشاني ننڊ جو نہ اچڻ بہ آهي.
موت ۽ خودڪشي ۾ دلچسپي وٺڻسنواريو
ذهني دٻاءُ ڪارڻ خودڪشي جو رجحان وڌي ويندو آهي جنھن سان انسان کي پنھنجي زندگي ۾ ڪا دلچسپي ناهي رهندي جنھن سان اهو هر وقت پنھنجي زندگي کي ختم ڪرڻ جو سوچيندو آهي.
کاڌي کائڻ کان پاسو ڪرڻسنواريو
ڇوجو انسان مڪمل مايوسي جو شڪار ٿي ويندو آهي انڪري انجي کاڌو پيتي جي روعي ۾ بہ انجو اثر پوندو آهي جنھن جي وجہ سان انسان کاڌو پيتو گهٽ ۽ بلڪل ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
دلچسپي ڇڏي ڏيڻسنواريو
ذهني دٻاءُ جو انسان مزاج تہ بہ گھڻو اثر پوندو آهي انجي وجہ سان انسان پنھنجي پاڻ کي ھر ڪنھن کان پري رکندو آهي ۽ ڪنھن ڪم ڪار ۾ پڻ دلچسپي وٺڻ پسند ناهي ڪندو.
همٿ ختم ٿيڻسنواريو
ذهني دٻاءُ جي وجهہ سان انسان جي همٿ گھٽ ٿي ويندو آهي انسان هر وقت پاڻ کي ٿڪاوٽ جو شڪار محسوس ڪندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي انسان جي همٿ واري سگھ جواب ڏئي ڇڏي ٿي.
اداسي ۽ ڪمزوريسنواريو
ذهني دٻاءُ ڪارڻ انسان مايوسي ۽ اداسي جو شڪار رهندو آهي جنھن ڪارڻ انسان کي هر وقت ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي رهندي آهي.
روئڻسنواريو
ذهني دٻاءُ انسان کي مايوسن ۽ نااميدي جي اونڌاهي ۾ وٺي ويندي آهي جنھن ڪارڻ انسان ننڍڙي ننڍڙي ڳالھ تہ بہ روئڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.
نااميديسنواريو
ڇوجو انسان ذهني دٻاءُ جي وجهہ سان بلڪل بہ همٿ ڇڏي ڏيندو آهي انڪري انکي ائين لڳندو آهي تہ هاڻ اهو بلڪل اڪليو ۽ لاچار بہ يارو مددگار آهي ۽ ٻي ڪنھن مان اميد رکن پڻ ڇڏي ڏيندو آهي.
ڌيان توجہ ۽ فيصلو ڪرڻ ۾ ڏوکائيسنواريو
انسان مايوسي جو ايترو شڪار ٿي ويندو آهي جو ڪنھن بہ شي تہ ڌيان ناهي ڏئي سگھندو جنھن ڪارڻ انکي فيصلي ڪرڻ ۾ ڏوکائي پيش ايندي آهي.
بک ۽ وزنسنواريو
ذهني دٻاءُ مختلف ماڻھن تي مختلف طريقن سان اثر وجھندو آهي ڪجھ ماڻھن جي ان وجہ سان بک ۽ وزن گهٽ ٿي ويندو آهي جڏهن تہ ڪجهہ ماڻھن جي بک ۽ وزن پڻ وڌي ويندي آهي.