دي اَن بيئَرايبل لائيٽنيسِ آف بي اِنگ

دي ان بيئرابل لائٽنيس آف بئنگ (انگريزي: The Unbearable Lightness of Being ) ميلان ڪنڊيرا جي لکيل مشھور ناول جو نالو آهي. ميلان ڪنڊيرا جو شمار دنيا جي وڏن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. 1 اپريل 1929ع تي 'چيڪوسلواڪيا' ۾ ڄاول ميلان جي تحرير فرانسيسي زبان ۾ سونهن جا مٿانهان درجا رکي ٿي. 1975ع کان فرانس ۾ جلاوطنيءَ جي حياتي گذاريندڙ ڪنڊيرا جو ناول دي ان بيئَرايبل لائيٽنيس آف بي اِنگ سندس مشهور ترين تحرير آهي.
1984ع ۾ شايع ٿيل اهو ناول انسان جي قسمت ڀرڪڻي هجڻ بابت اظهار جي راءِ رکي ٿو. سندس هن ناول تي آمريڪي ڊائريڪٽر فلپ ڪُوفمين هڪ فلم بہ ٺاهي جنهن ۾ ڊينيئل ڊيلوئيس، لينا اولين ۽ جوليئٽ بنوشي اداڪاري ڪئي.
هي ناول شروعات ۾ 'چيڪ' ٻوليءَ ۾ لکيو ويو ۽ بعد ۾ ناول کي فرانسيسي ۽ ٻين ٻولين ۾ بہ ترجمو ڪيو ويو.[1]

دي ان بيئرابل لائٽنيس آف بئنگ
The Unbearable Lightness of Being

ڪتاب جو پهريون ڇاپو (فرينچ ٻولي ۾)
مصنف ميلان ڪنڊيرا
Milan Kundera
اصل عنوان Nesnesitelná lehkost bytí
ملڪ فرانس
ٻولي چيڪ (Czech)
صنف فلسفياڻو فڪشن
شايع ڪندڙ ائڊيشنس گئليمارڊ پبليشرز (فرانس) 68 پبلشر (چيڪ ٻوليءَ جا)
ھارپر اينڊ رو (يو.ايس.)
فيبر اينڊ فيبر (يو.ڪي.)
ڇاپي جي تاريخ
1984

(فرينچ ترجمو)
1985

(اصل چيڪ ٻوليءَ۾)
سنڌي ۾ ڇاپي جي تاريخ
1984
ابلاغي ذريعي جو قسم پرنٽ (پني واري)
صفحا 393 ( فرينچ وارو پھريون ايڊيشن)

حوالا سنواريو

  1. ڪاوش گئلري، سومر 21 سيپٽمبر 2015ع، روزاني ڪاوش.