دي اسٽارز شائين ڊائون (ناول)

سڊني شيلڊن پاران ناول

دي اسٽارز شائين ڊائون(انگريزي: The Stars Shine Down) سڊني شيلڊن جو 1992 ۾ لکيل ھڪ ناول

دي اسٽارز شائين ڊائون
The Stars Shine Down

ڪتاب جي تصوير
مصنف سڊني شيلڊن
ملڪ يونائيٽيڊ اسٽيٽس
ٻولي انگريزي
صنف سنسني خيز
(انگريزي: Thriller)
شايع ڪندڙ وليم مارو (پبلشر)
ڇاپي جي تاريخ
آڪٽوبر 1992
ابلاغي ذريعي جو قسم پني تي ڇاپيل
صفحا 400
آئي ايس بي اين 0-688-08490-7
اڳ آيل ڪتاب دي ڊومس ڊي ڪنسپئريسي (ناول)
بعد آيل ڪتاب نٿنگ لاسٽس فارايور (ناول)

ناول جو سٽاء سنواريو

ناول م ھڪ ڪردار لارا ڪيمرون جي ڪھاڻي ٻڌايل آهي جيڪا ھڪ ڪامياب بلڊر ھئي جيڪا اسڪاٽ لينڊ جي نووا اسڪوٽيا جي ھڪ غريب خاندان مان ھئي ۽ ان جي ڄمڻ وقت سندس ماء ۽ جاڙو ڀاء مري ويا. ان جو پيء ھڪ بورڊنگ ھائوس جو ملازم ھو ۽ ڪرائي جي وصولي وارو ڪم ڪندو هو. لارا زندگي جي شروعات ۾ مردن جي معاشري ۾ پاڻ کي بچائڻ سکي ٿي ۽ پيء جي وفات بعد ان جي جاء تي ملازم ٿي ڪم جي شروعات ڪيائين ۽ ان سان گڏوگڏ بورڊنگ ھائوس جي بورچياڻي پڻ ٿئي ٿي ھڪ شخص چارلس ڪوھن ھن مان متاثر ٿي کيس ھڪ تعميراتي ٺيڪو ڏيندو آھي ۽ ان لاء سٺي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ سودي ۾ پئسن سان گڏ زمين جي مالڪ کي پنھجو جسم بہ حوالي ڪري ٿي ۽ اھڙي طرح ان ٺيڪي جي تڪميل سان پئسي واري ٿي آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ جائداد جو ڌنڌو شروع ڪري ھڪ بزنس ايمپائر ٺاھي ھڪ امير ترين عورت ٿي وڃي ٿي. کيس ھڪ ذھين پيانو وڄائيندڙ فلپ ايڊلر سان پيار ٿي وڃي ٿو ۽ ساڻس شادي ڪري ٿي . ان بعد ھر چيز، مڙس سميت، جيڪا حاصل ڪيائين اھا وڃائي وہھي ٿي ۽ پوء ٻيھر سڀ ڪجهه حاصل ڪري ٿي

حوالا سنواريو