ديڳ (انگريزي:Cauldron) ھڪ قسم جو پتل، ڪنجهي يا ڪنهن ڌاتو جو ٿانءُ آهي جيڪو سنڌ، هند، پاڪستان توڙي دنيا ۾ ڪا شئي سئون سڌو باھ تي پچائڻ ۾ ڪم ايندو آهي. سنڌ ۾ ديڳ مختلف ٿئي ٿي جنهن ۾ اڪثر ڀَتُ يا گوشت رڌو ويندو آهي. هن ۾ ڪڙو يا ڪنڍو ته هوندو آهي. قديم زماني کان شادين مرادين ۾ ڀَتُ رڌڻ لاءِ ديڳون ڪم اينديون هيون ۽ اڄ به ان جو استعمال ٿئي ٿو.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. "ديڳ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-26. 
  2. "ديڳ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-06-26.