ديپيڪا پدوڪون

هندستاني ناٽڪڻ (ايڪٽريس) ۽ ماڊل

ديپيڪا پڊوڪون (انگريزي ٻولي: Deepika Padukone) (تاريخِ جنم : 5 جنوري 1986) هڪ ڀارتي باليووڊ اداڪارڻ آهي. سندس شمار دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارڻين ۾ ٿيندو آهي. هن ٽي ڀيرا فلم فيئر ايوارڊن سميت ڪيترائي ٻيا اعزاز کٽيا آهن. کيس ڀارت جي چند مشهور ۽ پُرڪشش ماڻهن ۾ ڪيو ويندو آهي.

ديپيڪا پڙوڪون، ديپيڪا پڊوڪون Deepika Padukone
Deepika Padukone is seen smiling at the camera
پڊوڪون 2018 ڪين فلم فيسٽيول ۾
پيدائش جنوري 1986 (عمر 38 سال)
ڪوپينهيگن, ڊينمارڪ
قوميت انڊين
پيشو
  • ايڪٽريس
  • فلم پروڊيوسر
سَرگَرمُ سالَ سال 2005–کان هيئنر تائين
جيون ساٿي رنوير سنگھ (ش. 2018)
اعزاز مڪمل فهرست
ويب سائيٽ
deepikapadukone.com

پڊوڪون هڪ مشهور بيڊمينٽن رانديگر پرڪاش پڊوڪون جي گهراڻو ۾ جنم ورتو هيو، جيڪو اُن وقت ڪوپن هيگن، ڊينمارڪ ۾ رهندڙ هيو. سندس پالنا (پرورش) بنگلور (ڀارت) ۾ ٿي. ديپيڪا شروعاتي ننڍپڻ  واري ڄمار کان ئي ملڪي سطح تي بيڊمينٽن راند کيڏڻ شروع ڪئي هئي، پر  فيشن ماڊل بڻجڻ جي لاءِ هن راند کيڏڻ واري ڪيريئر کي ڇڏي ڏنو. جلد ئي هن کي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ملڻ لڳي. پڊوڪون 2006 ۾ سيکڙاٽ اداڪارا طور فلم صندل وڊ[1] ۾ پنهنجي پهرئين فلم ايشوريا  (جيڪا ڪنڙا ٻولي ۾ هئي)  ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. 2007ع  ۾ سندس ڏاڍي مقبول پهرئين بالي وڊ فلم اوم شانتي اوم منظر عام تي آئي، جنهن ۾ هن ٻهروپ ڪردار نڀايو. پنهنجي زبردست اداڪاري جي عيوض ان فلم تي کيس بهترين سيکڙاٽ اداڪارڻ لاءِ فلم فيئر اعزاز مليو هيو.

فلمون سنواريو

حوالا سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو