ديپالي برٺاڪر

هندستاني ڳائڻي

ديپالي برٺاڪر (انگريزي ٻولي: Dipali Barthakur) ( جنوري 30، 1941 - 21 ڊسمبر 2018)[1] آسام جي هڪ هندستاني ڳائڻي هُئي.[2]

ديپالي برٺاڪر
Dipali Barthakur
پيدائش 30 جنوري 1941(1941-01-30)
نيلوموني ٽي اسٽيٽ, سوناري, شيو ساگر, آسام
وفات 21 ڊسمبر 2018 (عمر 77 سال)
گوهاٽي
پيشو ڳائڻي
سَرگَرمُ سالَ 1955-1969
جيون ساٿي نيل پون برئوا
اعزاز پدم شري, 1998

هن پنهنجا گانا بنيادي طور آسامي ٻولي ۾ ڳايا هيا، کيس 1998 ۾ هندستان جو چوٿون سڀ کان وڏو سويلين ايوارڊ، پدم شري مليو هيو.[3] کيس آسام جي بُلبُل پڻ سَڏيو ويندو.[4][2]

شروعاتي زندگي سنواريو

برٺاڪور جو جنم بسوواناٿ باراٺاڪور ۽ چندراڪانتي ديوي جي گهر، سوناري سواساگر، آسام ۾ ٿيو هيو.[5][6]

ميوزيڪل ڪيريئر سنواريو

برٺاڪر جلد ئي ڳائڻي طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. 1958 ۾، جڏهن هيءَ نائين ڪلاس ۾ تعليم حاصل ڪري رهي هئي، تڏهن هن آل انڊيا ريڊيو، گوهاٽي ۾ "مور بوپائي لاهوري" گانو ۽ فلم لچت بورفوڪان (1959) جي لاءِ "جووبون اموني ڪوري چنیڌن" گانو ڳايو هيو.[7] محترمہ برٺاڪر پنهنجي پُرجوش گانن سان لکين ماڻهن کي پنهنجو پرستار بڻايو، جڏهن هيءَ هاءِ اسڪول ۾ هُئي تہ ان وقت سندس  گانن منجهان سڀ کان پهرئين هڪ گانو رڪارڊ ڪيو ويو هيو.[6]

آسامي ۾ سندس ڪُجھ مشهور گيت آهن:[8]

  • "سونور کرو نالاگي مک"
  • "جوبوني اموني ڪوري, چينيڌون"
  • "جںدهوني جنالتي"
  • "ڪونمانا بوروڪسائر سپ"
  • "سينائي موئي جو دي"
  • "او' بونڌو سوموئي پالي امر ڦالي"

ذاتي زندگي سنواريو

برٺاڪر پنهنجو آخري گانو "ليوٽو نجابي بوئي" سال 1969 ۾ ڳايو هيو. انکانپوءِ هيءَ هڪ روڳ جنهن جو نالو (موٽر نيورون (Motor neuron) آهي) ۾ شديد بيماري ۾ وٺجي وئي، جنهن سندس ڳائڻ ۾ رڪاوٽ وِڌي ۽ وهيل چيئر استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيس. 1976 ۾ هن آسامي جي مشهور ليکڪ بنند چندرا بڙاوا جي پُٽ نيل پون براواہ سان شادي ڪئي، جيڪو آسام سان تعلق رکندڙ ناميارو هندستاني فنڪار ۽ چترڪار (مصور) هُيو.[9][10] برٺاڪر جي ڊگهي بيماري کانپوءِ گوهاٽي جي نيمڪيئر اسپتال ۾، 21 ڊسمبر 2018 تي 77 سال جي ڄمار ۾ پرلوڪ پَڌاري (وفات) وئي.[11][12] کيس آسام جي بُلبُل جي نالو سان سُڃاتو ويندو هيو.[13] آسام حڪومت ديپالي برٺاڪر جي مانَ ۾ سرڪاري سطح جي اعزاز جو اعلان ڪيو هيو.[14]

ايوارڊ سنواريو

برٺاڪر کي ڪيترائي ڀيرا اعزاز سان نوازيو ويو، خاص طور تي 1990-92 ۾ لوڪ ۽ روايتي موسيقي جي لاءِ کيس پدما شري ايوارڊ ڏنو ويو هيو.

هن جا ڪُجھ ايوارڊ / قدر شناسي هيٺئين ريت آهي:

  • حڪومت هندستان وسيلي پدما شري (1998) آرٽس ۾ سندس تعاون جي لاءِ.[15][16]
  • آسام حڪومت طرفان سلپي بوٽا (2010)۔[17]
  • سدو آسوم ليکڪا سومروهہ سميتي پاران ايڊو هينڊيڪ سلپي ايوارڊ (2012)[18]

حوالا سنواريو

  1. "Dipali Borthakur". IMDb. حاصل ڪيل 2020-03-10. 
  2. 2.0 2.1 "Noted Assamese singer Dipali Borthakur no more". The Sentinel. حاصل ڪيل 2020-03-10. 
  3. "Padma Awards" (PDF). Ministry of Home Affairs, Government of India. وقت 15 November 2014 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 21 July 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. PeoplePill. "Dipali Barthakur: Indian singer (1941-2018) - Biography and Life". peoplepill.com. حاصل ڪيل 2020-03-10. 
  5. Suchibrata Ray, Silpi Dipali Barthakuror 71 Sonkhyok Jonmodin, امر اسوم, 31 January 2012, accessed date: 03-02-2012
  6. 6.0 6.1 "Assamese singer Dipali Barthakur passes away" (en-IN ۾). The Hindu. 2018-12-22. ISSN 0971-751X. https://www.thehindu.com/news/national/other-states/assamese-singer-dipali-barthakur-passes-away/article25802698.ece. 
  7. "Musical Minds". enajori.com. وقت 2013-04-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-04-12.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. "Deepali-Borthakur". assamspider.com. حاصل ڪيل 2 April 2013. 
  9. "A tribute to marriage of arts & minds - Book on celebrity couple". The Telegraph. 26 December 2003. http://www.telegraphindia.com/1031226/asp/guwahati/story_2719265.asp. 
  10. "Where Rubies are Hidden - II". Rukshaan Art. حاصل ڪيل 8 July 2019. 
  11. Dipali Borthakur Passes Away
  12. "Dipali Barthakur Dies at 77 » Northeast Today". Northeast Today. حاصل ڪيل 2020-03-10. 
  13. "Singer Dipali Barthakur passes away, last rite today with state honour". www.thehillstimes.in. حاصل ڪيل 2020-03-10. 
  14. "Dipali Borthakur’s last rites with State honour in Guwahati". G Plus. حاصل ڪيل 2020-03-10. 
  15. "October 16th, 2010 - October 28th, 2010, The Strand Art Room, Neel Pawan Baruah". ArtSlant. حاصل ڪيل 2013-04-01. 
  16. "Rediff On The NeT: Nani Palkhivala, Lakshmi Sehgal conferred Padma Vibushan". Rediff.co.in. حاصل ڪيل 2013-04-01. 
  17. TI Trade. "The Assam Tribune Online". Assamtribune.com. وقت 2016-03-03 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-04-01.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  18. "Aideu Handique Silpi Award to Dipali Borthakur". htsyndication.com. حاصل ڪيل 2013-04-12.