ديوان منا

ڀارت مان تصوراتي فوٽو گرافر

ديوان منا (انگريزي ٻولي: Diwan Manna) (پيدائش 17 جون 1958ع) هڪ هندستاني تصوراتي نقاش ۽ فوٽوڪڍندڙ (فوٽوگرافر) آهي. هن گرافڪ آرٽ ۽ پرنٽ ميڪنگ ۾ پنهنجو اڀياس (تعليم) گورنمينٽ ڪاليج آف آرٽ، چندي ڳڙھ کان 1982 ۾ پُورو ڪيو.[1][2] هن هندستان، برطانيا، جرمني، فرانس، پولينڊ ۽ اٽلي ۾ تصويرن جي نمائش ڪئي. 2014-15 کان هن ٽرينينل انڊيا، جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو، جيڪو هندوستان جي ثقافت کاتي جي نيشنل اڪيڊمي آرٽ، للت ڪالا اڪادمي طرفان منظم ڪيو ويو.[3]

ديوان مننا
پيدائش 1958 (عمر 65–66)
با ريٽا، پنجاب, انڊيا
قوميت هندستاني
مادر علمي گورنمنٽ ڪاليج آف آرٽس، چندي ڳڙھ
شھرت جو ڪارڻ تصوراتي فوٽوگرافي
اعزاز للت ڪالا اڪيڊمي ايوارڊ
ويب سائيٽ
http://www.diwanmanna.com/ Official website Edit this at Wikidata

هن چنديڳڙه للت ڪالا اڪيڊمي، اسٽيٽ اڪيڊمي آف آرٽ، ثقافت کاتي، چنديڳڙھ انتظاميا جي چيئرمين جي حيثيت ۾ خدمتون ڏنيون. هن وقت، هو پنجاب لليت ڪالا اڪيڊمي، اسٽيٽ اڪيڊمي آف آرٽ، وزارت ثقافت، پنجاب حڪومت، ڀارت جي صدر جي حيثيت سان خدمتون ڏئي رهيو آهي.[4] هن کي لليت ڪالا اڪيڊمي، نئين دهلي طرفان نيشنل اڪيڊمي ايوارڊ مليو آهي.[5] هن جي ڪُجھ هُنري ڪم ۾ ايلينيشن (1980)، وائلنس يا تشدد (1985)، ويڪنگ دَ ڊيڊ (1996)، شورز آف دَ اَنِنونِ (2000)، آفٽر دَ ٽرموئل (2003) ۽ ماسٽر آف لائيٽ، ۽ لي ڪاربيوزيئر (2006) شامل آهن.

شروعاتي زندگي سنواريو

مننا 1958 ۾، ڀارت،[2] باٿينڊا ضلعو (هاڻي منسا ضلعو) پنجاب جي هڪ ڳوٺ باريٽا،[6][5] ۾ ڄائو هيو. هن 1975 ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول، بريٽا مان ميٽرڪ جي تعليم پوري ڪئي. پنهنجي اوائلي سالن ۾، هن افسانو نگاري ۽ شاعري جو اڀياس ڪيو، ۽ راندين ۾ سرگرم رهيو، ٿيٽر ۽ مقامي رام ليلا ۾ اداڪار طور مرڪزي ڪردار نڀايو، جيڪو هندستان ۾ ٿيٽريڪل لوڪ شڪل ۾ مشهور هيو.[7][4] هن 1978 کان 1982 ع تائين هندستان ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف آرٽ، چنديڳڙهہ، ڇپائي ٺاهڻ (پرنٽ ميڪنگ) ۾ اڀياس (تعليم) ماڻيو.[1][2]

ڪيريئر سنواريو

مننا 1980 کان آرٽ جي مشق ڪري رهيو آهي. 2006 ۾، هو لي ڪوربسيئر جي فنِ معماري جي فوٽوگراف لاءِ ثقافتي مٽاسٽا پروگرام تحت، فرانس جي سينٽ-ايٽين، فرميني ۾ آرٽسٽ اِن ريزيڊنس هيو.[8][9] 17 جون 2008 تي، کيس چندي ڳڙھ للت ڪالا اڪيڊمي جو چيئرمين بڻايو ويو ۽ 31 جولاءِ 2015 تائين اُن عهدي تي رهيو.[6] هن 2014-15 کان لليت ڪالا اڪيڊمي هندوستان جي نيشنل اڪيڊمي آف آرٽس، وزارت ثقافت، حڪومت انڊيا جي انتظام هيٺ ٽرينيل انڊيا جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنيون.[3] 2016 کان وٺي، هو پنجاب لاليت ڪالا اڪيڊمي جو صدر آهي.[4]

ايوارڊ سنواريو

هن لليت ڪالا اڪيڊمي طرفان قومي اڪيڊمي ايوارڊ ماڻيو آهي.[2][10] هن پهريون ڀيرو 1995 ۾ ۽ 1996 ۾ ٻيو ڀيرو آل انڊيا فائن آرٽس ۽ ڪرافٽس سوسائٽي جو انعام (ايوارڊ) حاصل ڪيو.[11]

تصويري خاڪا سنواريو

مننا تصوراتي فوٽوگرافي تي مشق ڪندڙ هندستان جي پهريائين فنڪارن ۾ شامل آهي.[12] سندس ڪم خيالي تصوير شين سان گڏ جوڙي ٿو، جيڪو ملٽيميڊيا اصليت کي ٺاهڻ لاءِ تخليقي طور چُونڊيل جاءِ جي اندر شعوري طور منتقل ڪري ٿو.[13]

1980 ۾ سلسلو ايلينيشن سان سندس خيالي نقش نگاري جو آغاز ٿيو ۽ اڳئين ٽن ڏهاڪن دوران[14] وائلنس، ويڪنگ دي ڊيڊ (مُئل کي جاڳائڻ)، شور آف دي اننون (اڻڄاتل سامونڊي ساحلآفٽر دي ٽرئمول (وڳوڙن کانپوءِماسٽر آف لائٽ-لي ڪوربيوئير،[15] سيريز سميت جاري رهيو. پنهنجي هنري ڪم وسيلي، مننا محنت ڪندڙ طبقي ۽ هندستاني سماج ۾ سماجي اَڻبرابري بابت پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.[9]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "A unique combination". Thehindu.com. حاصل ڪيل 20 January 2018. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 "A unique combination" (en ۾). The Hindu. http://www.thehindu.com/todays-paper/tp-national/tp-newdelhi/a-unique-combination/article18468010.ece. 
  3. 3.0 3.1 "Peripheries of Globalization : Re-mapping the global contemporary through biennales and triennales" (PDF). Indiaculture.nic.in. حاصل ڪيل 20 January 2018. 
  4. 4.0 4.1 4.2 "‘Functioning of Akademies should be left to professionals’: Diwan Manna" (en-US ۾). The Indian Express. 2016-10-03. http://indianexpress.com/article/lifestyle/art-and-culture/functioning-of-akademies-should-be-left-to-professionals-diwan-manna-3062435/. 
  5. 5.0 5.1 "The nuances of conceptual photography defy mediums". Sunday-guardian.com. حاصل ڪيل 20 January 2018. 
  6. 6.0 6.1 "The Sunday Tribune - Spectrum". Tribuneindia.com. حاصل ڪيل 20 January 2018. 
  7. "Diwan Manna wins All India Fine Arts & Crafts Society's national awards for his photography". India Today. حاصل ڪيل 20 January 2018. 
  8. History and Heritage - Government College of Art, Chandigarh (India) (first ed.). D S Kapoor. pp. 286. ISBN 978-93-5279-401-0. 
  9. 9.0 9.1 Contemporary Art North India. Pentagon Press. pp. 109–114. ISBN 978-81-8274-949-8. 
  10. "Diwan Manna | Paintings by Diwan Manna | Diwan Manna Painting - Saffronart.com". Saffronart. حاصل ڪيل 2017-07-06. 
  11. "Of Tradition and Change". Art India : The Art News Magazine of India. شمارو. 2 (Mumbai: Art India Publishing Company). صفحا. 66–68. OCLC 80022104. 
  12. "Art is the Art of Going Beyond the Obvious". www.betterphography.in. حاصل ڪيل 5 October 2016. 
  13. on Art, Take (January–June 2018). Symphony of Light. 4. pp. 36–37, 39. 
  14. Singh, Amarbir (2006). 'Ages of Separation by Diwan Manna'. New Delhi: Exhibition Catalog, Visual Arts Gallery
  15. "Regards croisés sur l'architecture: Le Corbusier vu par ses photographes". ISBN 9782859446666