ديوار مهرباني ايران ۾ شروع ڪيل هڪ ايثار جو هڪ نئون قسم آهي، ۽ سرديءَ جي موسم جو لباس سميت متفرقہ مفيد شين کي عطيو ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن جي حوصلي افزائي ڪئي وئي. اها مُهم هڪ گمنام ايراني شخص پاران شروع ڪئي وئي هئي [1] ، ۽ ڏسندي ڏسندي تمام تيزيءِ سان سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي وئي. هڪ گُمنام سَخي انسان سڄي ملڪ ۾ ڀتين تي “ديوار مهربانی” لکي ڇڏي ۽ ٽنگڻين (هينگر) جي قطار لڳائي ڇڏيائين، ڀرسان گذرندڙن کي دعوت ڏنل هئي ته جيڪڏهن انهن وٽ بچيل هجن ته هو پنهنجا گرم ڪپڙا هتي ڇڏي وڃن يا کين ڪپڙن جي ضرورت آهي ته هتان کڻي وڃن. هن مُهم جو نعرو ٻه جملا آهن، جيڪي هنن ڀتين تي چٽيل آهن، "ڦٽو ڪيو جيڪڏهن توهانکي ضرورت ناهي" (نیاز نداری بگذار) ۽ "کڻو [اهو] جيڪڏهن توهانکي ضرورت آهي" (نیاز داری بردار).[2]

Wall of kindness, Mysore, India

خاص ڪري هي ايران جي گاديءِ جي هنڌ، تهران جي بي گهر ماڻهن جي لاءِ هي عمل سندن ماڻهن جي ضرورت جي لاءِ خدمت جو موقعو ڏئي ٿو. سماجي رابطن (سوشل ميڊيا) جي جواب ۾، ماڻهن جو وڏو تعداد ان مُهم ۾ حصو وٺي رهيو آهي، ۽ سرد سياري جي مند ۾ ان مُهم مان ڪيترن ئي بي گهر ۽ ضرورتمند ماڻهن کي فائدو پيو آهي.[3][4]

انهيءَ طرح جي هڪ پَهل،کُليل فرجُن سان تهران مان ٻين شهرن ۾ پکڙجي وئي. بُڪ شيلف پڻ انهن مهربانيءَ جي ڀتين ۾ جوڙي پئي وڃي ته جيئن ڪتاب عطيو ڪيا وڃن خاص طور غريب باڙن جي لاءِ[5][2][6][6]

پاڪستان جي ديوار مهرباني سنواريو

پاڪستان ۾ پڻ اهڙي مُهم شروع ڪئي وئي، جنهن تحت 16 جنوري 2016 تي ڪراچيءَ ۾ اهڙي ديور شروع ڪئي وئي [7] [8]، جيڪا پشاور جي مُک روڊ تي پڻ لڳائي وئي.[9][10] چين ۾ پڻ 29 جنوري 2016 تي اهڙي مُهم شروع ڪئي وئي.[11]

حوالا سنواريو

External links سنواريو

"Iranians set up ‘wall of kindness’ to help homeless in winter", in Daily Times