ڳوٺ دين محمد انڙ

دين محمد انڙ (انگريزي: Din Muhammad Unar) تعلقي مٽياريءَ جي ديھ سپڪي ۽ يونين ڪائونسل موسيٰ کٽياڻ جو هڪ ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ تعلقي مٽياري ۽ تعلقي حيدرآباد (ٻهراڙي) جي سنگم تي آباد آهي. هي ڳوٺ ٽنڊي ڄام کان اٽڪل 10 ڪلوميٽر اتر ۾ ۽ ڳوٺ الهڏني ساند کان اٽڪل 5 ڪلوميٽر اوڀر ۾ واقع آهي. هن ڳوٺ کان هڪ پراڻو رستو ڳوٺ محمد عارف کٽياڻ وڃي ٿو. هن ترقي يافته دور ۾ به هي رستو اڃا ڪچو آهي. هن ڳوٺ ۾ فقط انڙ ذات وارا ماڻهو رهن ٿا. هي ڳوٺ ٽنڊي ڄام کان شاهپور درپور ويندڙ پڪي رستي جي ڀر ۾ قائم ٿيل آهي. ڳوٺ جا اڪثر رهواسي پير پاڳاري جا حر مجاهد آهن. 1971ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ هتان جي ٻن حر مجاهدن مرحوم يار محمد انڙ ۽ محمد يعقوب انڙ پير پاڳاري جي سڏ تي کوکراپار واري سرحد تي پاڪستاني فوج سان گڏجي جنگ ۾ حصو ورتو. هتان جو بزرگ محمد انڙ پنهنجي سخاوت سبب سڄي سنڌ ۾ مشهور هو. ڳوٺ کان ٿوري ئي مفاصلي تي ڳوٺ واحد ڏني انڙ ۾ سنڌ جي مشهور حڪيم پير حاجن شاه جو دواخانو هو. هن حڪيم وٽ پري پري کان مريض علاج لاءِ ايندا هئا. انهن مان اڪثر مريض حڪيم صاحب کان دوا وٺي محمد انڙ وٽ اچي ماني کائيندا هئا. محمد انڙ کي ماڻهو ”محمد ٻوڙو“ ڪوٺيندا هئا ڇاڪاڻ جو هو ڪنن کان ٻوڙو هو. هن 1960ع ڌاري وفات ڪئي.

هن ڳوٺ جو چڱو مڙس پير بخش انڙ پنهنجي علائقي جو هڪ مشهور سماجي ڪارڪن ۽ والي بال جو بهترين رانديگر هو. مهراڻ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر مختيار علي انڙ[1] ۽ مشهور ليکڪ عنايت انڙ به هن ڳوٺ سان واسطو رکن ٿا. عنايت انڙ جو ڪتاب ”اکر اکر اسرار“ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي[2]،[3]. هي ڪتاب مشهور صوفي شاعر محمد فقير کٽياڻ جي شاعريءَ تي لکيل آهي.

حوالا سنواريو

  1. پروفيسر مختيار علي انڙ ھڪ شخصيت، روزانہ عبرت حيدرآباد، 1 جولاءِ 2014
  2. "akhr akhr arsy - `nayt anR.pdf". Google Docs. حاصل ڪيل 2020-03-20. 
  3. عنايت انڙ: اکر اکر ۾ اسرار، آئي ايس بي اين: 978-969-625-019-7، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2018.