ديناناٿ منگيشڪر اسپتال

انڊيا ۾، اسان جي سنڌ جي ڪيترن ئي امير ائڪٽرن، رانديگرن، ڳائڻن ۽ آرٽسٽن وانگر جوانيءَ ۾ ڪمايل پئسو اجايو جوا، شراب ۽ عيش عشرت ۾ وڃائي پوءِ پيريءَ ۾ کٽل سرڪاري ادارن اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو خير خيرات جي ڪمن ۾ لڳائين ٿا. خاص ڪري اسڪول، اسپتالون، ڌرم شالائون ۽ پارڪ ٺهرائين ٿا، جتي سندن ملڪ جا ڏکويل ۽ غريب انسان سک ۽ خوشي حاصل ڪري سگهن. ديناناٿ منگيشڪر اسپتال (Deenanath Mangeshkar Hospital) به اهڙن ئي خير خيرات جي ڪرايل ڪمن مان هڪ آهي. هيءَ اسپتال لتا منگيشڪر پنهنجي پيءُ ديناناٿ منگيشڪر جي ياد ۾ سن 2001ع ۾ ممبئي ۾ ٺهرائي هئي ته جيئن غريب ٻارن ۽ عورتن جو مفت ۾ علاج ٿي سگهي. [1][2]

حوالا سنواريو

  1. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-06-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-19 
  2. ڪتاب: بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، ليکڪ: الطاف شيخ