فضا ۾ پاڻي جا ننڊڙا ڦڙا موجود هجن ته ان کي ڪوهيڙو يا فاگ (Fog) چيو وڃي ٿو.


فضا ۾ ڪيميائي گدلاڻ جي ڪري دونهون وڌي وڃي ته ان کي دونهيڙو (Smog) چئجي ٿو. ٻنهي صورتن ۾ انساني اک سان پرتي ڏسڻ ڏکيو ٿي ويندو آھي. فضا ۾ پاڻي جا ڦڙا يا ڪيميڪلن جا جزا جيترا وڌيڪ هوندا، ڏسڻ ۾ اوتري ئي ڏکيائي ٿيندي.

صنعتن جي ڪيميڪلز جو فضا ۾ پکڙجڻ, ڪارخانن، گاڏين ۽ انجڻن مان خارج ٿيندڙ دونهين جي ڪري دوهينڙو يا سموگ ٿي پوندو آهي. جيڪو هر قسم جي جاندارن، فصلن، باغن لا۽ هاڃيڪار ٿئي ٿو. سنڌ ۾ جتي به سرن جي بٺن ۾ پلاسٽڪ، ڪوئلو ۽ ٻيا ڪيميائي ٻارڻ استعمال ٿين ٿا. انهن علائقن ۾ سموگ جي انسانن، جانورن ۽ فصلن ۾ ڪيئي مرض پيدا ٿي پون ٿا.