دوزخ
دوزخ:(انگريزي: Hell) فارسي ٻولي جو لفظ آهي جنھن کي عربي ۾ جحيم ۽ ھندي ۾ نرگ چوندا آهن. اھا ھڪ اھڙي تصوراتي جاء آھي جتي مختلف مذھبن جي تصورن مطابق دنيا جي اندر برائي تي ھلندڙ ماڻھو موت کانپوءِ سزا طور ھميشه ان ۾ رھندا. عام طور تي دوزخ جنت يا بھشت جو ابتڙ آهي.
اسلام ۾ دوزخ جو تمثيلي تصور
سنواريوعلامه نياز فتح پوري لکيو آهي تہ دوزخ جو مفھوم قرآن ۾ ماديت سان تعلق نہ ٿو رکي جنھن جو ثبوت قرآن جي سورة الھمزہ جي آيت نمبر 6 ۽ 7 آھي.
نار اللّه الموقده (6) التى تطلع على الافئده (7)
— سورة الھمزہ
اھا خدا جي ٻاريل باھ آھي - جيڪا دلين تائين پھچندي
علامه نياز فتح پوري مطابق جيڪڏهن دوزخ جي باھ دنيا جي باھ وانگر ھجي ھا تہ ان جو ذڪر الله جي ٻاريل باھ جي حيثيت ۾ نہ ٿئي ھا نہ ئي ان جو ذڪر دل سان ڳنڍي ڪيو وڃي ھا. دل جي اندر پھچندڙ باھ اھا ٿي سگھي ٿي جيڪا انسان کي روحاني تڪليف ۾ مبتلا ڪري اھڙي طرح ان باھ جي ڀيٽ دنيا جي ظاھري باھ سان نہ ٿو ڪري سگھجي[1].
اسلام ۾ دوزخ جو مادي تصور
سنواريوعام طور تي اسلام ۾ عالمن قرآن ۽ حديث مان دوزخ جي مادي تصور جو ذڪر ڪيو آهي جنھن مطابق اھا ھڪ وسيع جاء آھي جنھن ۾ مختلف حصا آهن جن جا مختلف نالا پڻ آهن. ان جا ست در آھن ۽ جن جو چوڪيدار ملائڪ آھي يا ملائڪ آھن. اھا عذاب واري جاء آھي جتي ھر طرف باھ آھي جتي انسان ۽ پٿر ان جو کاڄ ٿيندا.
عيسائيت ۾ دوزخ جو تصور
سنواريوعيسائيت ۾ بہ دوزخ جو تصور مادي آھي جتي شيطان ۽ بدروح رھن ٿا. ڊينيئل واري ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ جيڪي مٽي ۾ دفن ٿيل آھن اھي ٻيھر ضرور اٿندا جن مان ڪجهه ھميشه واري زندگي گذاريندا ۽ ڪجهه ھميشه واري ڌڪاريل ۽ شرمناڪ زندگي گذاريندا.[2]
ٻڌ مذهب جو تصور
سنواريوتبت جي ٻڌن مطابق دوزخ جو ھڪ قسم اھڙو آھي جيڪو گرم آھي ۽ ھڪ قسم وري ٿڌو آھي. ٻنھي قسمن جو وري برابر تعداد آهي.
يھوديت ۾ دوزخ جو تصور
سنواريويھودي مذھب ۾ دوزخ جو ڪوبہ مادي تصور ناھي. پر اھو ھڪ شرمناڪ ھجڻ جو ھڪ احساس آهي.
قديم مذھبن ۾ دوزخ جو تصور
سنواريوقديم ميسوپوٽاميا جي مذھبن ۾ موت کانپوءِ زندگي جو تصور زمين اندر ھيو جتي روح مٽي کائيندا ھئا ۽ ان زير زمين دنيا جي نگراني مخصوص ديوتا ڪندا هئا.موت کان پوءِ جي زندگي جو تصور سڀ کان اول يونانين ڏنو.