دنبورو يا دنبوري سنڌ جو هڪ عام ساز آهي، جيڪو ڇپر ۾ مشھور آهي. ڇپر وارا هن ساز تي مورا ۽ لوليون ڏين. هن ساز جو ٺاھ تانپوري ۽ ستار تان ئي ورتل ٿو ڏسجي، پر تانپورو يا ستار وڏا سازٿين، دنبوري انھن کان گهڻي ننڍي ٿئي، دنبوري ڪاٺ مان ٺاهين، پھرين هيٺ اڌ گول وانگر پيٽ ٺاهين، جنھن کي پيٽ بہ چون، شڪم بہ چون، ان شڪم جي مٿان سنهون تختو هڻن، جنھن کي پلڪ يا پاٽيو چون، مٿان ٻہ فوٽ کن پورو اڌ گول ڳن وجهي، جنهن کي ڳن بہ چون، ڏانڊي بہ سڏين. ان ڳن جي مٿئين حصي ۾ پاسن کان ڪليون يا ڪيريون هڻن، جنھن ۾ تارون ڇڪبيون آهن. دنبوري ۾ ٽي تاريون وجهن جيڪي ڪيرين کان ٿينديون ڳڻ کان ٿينديون شڪم جي هيٺيان ٻڌبيون آهن. اها ٿي سادي دنبوري جنھن تي رڳو سر ۽ لئي جهلائڻ لاءِ مضراب هڻندا آهن، ۽ تار تي مورو يا لولي چوندا آهن. انھي دنبوري ۾ ٿورو اضافو ڪري، ان جي ڳن يا ڏنڊي تي ڇهہ تارن جا بند هڻندا آهن. جن مان راڳ يا ٻول ڪڍندا آهن. ۽ پھرين تار تي آڱر رکي ستار وانگر جدا جدا سر ڪڍندا آهن. انھي قسم جي دنبوري کي ”بندين واري دنبوري“يا ”گهريگ“ سڏين، انھي گهريگ جي پھرين تار ٻولن واري تار سڏين، ٻيءَ تار کي ”جهالارو“ يا ”سر ڏيڻ واري تار“ ۽ ٽي تار کي ”گهور“ سڏين سنڌ جو هي ساز اڪيلو بہ سٺو وڄي ۽ سنگت ۾ چڱو رنگ رچائي.

انھيءَ دنبوري کان ڪجهہ وڏيٽڙو شاھ جو دنبورو ٿيندو آهي، جنھن تي شاھ جا راڳي جماڻي چنڊآڻي راڳ ڪندا آهن، پر شاھ جي دنبوري ۾ مضراب جو رنگ جدا ٿيندو آهي، فقير بيتن مھل ڍار واري، سٽ تي مضراب هڻندا آهن، وري وائي چوڻ مھل تي مضراب هڻندا آهن. پھريون ويندي، ٻيو ايندي، ۽ ٽيون ويندي. اهو ٽيون مضراب زور سان هڻن، اهڙيءَ طرح جو هٿ جو بڪ بہ دنبوري تي لڳي. اصل ۾ اهي ٽيئي مضراب تہ ڇا پر شاھ جو سارو ڪلام ٽن مضراين تي ٻڌل آهي، ۽ اهي ٽي مضراب ٽن ٻولن تي رکيل آهن. اهي ٽي ٻول آهن؛ ”آ، لا، هوُ“! اهو آهي شاھ جي ڪلام جو بھر وزن يا لئي تال، شاھ جي دنبوريءَ ۾ ستار وانگر آخري تار چڪاري جي بہ ٿئي، جيڪا ٻين تارن جي سر سان ملي سٺو آواز پيدا ڪندي آهي. انهي دنبوري جي بناوٽ بہ ساڳي ٿئي،جيڪا بيان ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي سازن ۾ شاھ لطيف ڪينري، ڪماچ ۽ سرندي کي بہ ڳايو آهي. پر اهي ساز هندستان ۾ وڌيڪ مشھور آهن، ۽ ٻيو تہ اهي سڀ ساز سرندي جي ئي ڊول جا آهن ۽ هي بہ سبب آهي تہ اهي ساز هن وقت ايترا مشھور نہ آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از: سيد منظور نقوي؛ ٻيون ايڊيشن 1978ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)