دمريلا
دمريلا(انگريزي: Damrela) هيءُ شهر ديبل جي ضلعي ۾ هو ۽ سومرن جو شهر هو. سلطان محمد تغلق جي دؤر ۾ باغي طعي هن شهر ۾ سومرن وٽ پناهه ورتي هئي. محمد تغلق سنه 744ھ سن 1343ع ڌاري محمد تغلق طغي جو پيڇو ڪندي گجرات جي شهر گوندل کان دمريلا پهتو هو، جتي بخار وگهي دم ڏنائين. علامه دائود پوٽه صاحب لکي ٿو ته: دمريلا ديبل جي ويجهو هو، جيئن تاريخ جهان ڪشاء مان واضح ٿئي ٿو. ضياءَ الدين برني انهيءَ کي ٻن جاين تي مريلا ۽ هڪ جاءِ تي دمريلا لکي ٿو (تاريخ فيروز شاهي برني ص 669- 523) اسان جي گمان ۾ دمريلا مڪران ۽ سنڌ جي سرحد تي هو.
فرشته (ج 2 ص 604- 605) محمد بن قاسم جي حملي جو بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”ازميان مڪران شده بديون و درمل ڪه سرحد ديبل است، آمد مڪران مان ٿيندو ديون ۽ درملا ۾ آيو جا ديبل جي سرحد آهي. اهو درمله ضرور دمريلا آهي. جنهن ڦير گهير سبب هيءَ صورت ورتي آهي.[1][2]
Alternative name | درملہ |
---|---|
جڳھہ | نامعلوم |
خطو | سنڌ ۽ مڪران جي سرحد |
قسم | قديم ڦٽل شھر |
تاريخ | |
دور | سومرن جو دور |
ثقافتون | سنڌي مسلمان |
Associated with | سنڌي |