دليل وارو قلعو
”دهليل جو قلعو“ يعني ”دليل ڪوٽ“ قديم زماني ۾ سنڌو درياهه مان نڪرندڙ شاخ ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪپ تي ڏکڻ اوڀر ۾ تعمير ڪيل هو ۽ اڄ تائين اهو قلعو قائم آهي. ”دهليل جو قلعو“ يعني ”دليل ڪوٽ“ جو اهو قديم قلعو موجوده دور ۾ نوابشاهه شهر کان سڪرنڊ ڏانهن ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي اتر اولهه جي ڪنڊ تي واقع آهي. اهو قلعو نوابشاهه کان يارنهن ميل پري ۽ سڪرنڊ شهر کان ٽن ميلن جي فاصلي تي آهي. انهيءَ قلعي جي سامهون ”سکپور“ جي ڀرسان سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”چنهو جي دڙي“ جا قديم آثار آهن. خود ان قديم شهر جي باري ۾ ماهرن جو رايو آهي ته چنهو جي دڙي وارو شهر ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪناري تي آباد هو ۽ اهو هاڪڙي جي تهذيب ۽ تمدن جو نشان آهي[1]
هي ڪوٽ يا قلعو سوا نو ايڪڙن جي گول دائري جيان اڏيل چيڪي مٽي ۾ وري کٻڙ جو ڪاٺ استعمال ٿيل آهي. ڪوٽ جي ديوار هيٺان کان 20 فوٽ، مٿي گھٽجي 14 فوٽ آهي. ان جي مٿان چئن فوٽن ويڪري اوٽ ڏنل آهي . جيڪا 6 فوٽ مٿي آهي. ڪنگريون ٺاهيون ويون آهن. ڀِت جي هن حصي ۾ تير بازي ۽ بندوق بازيءَ لاءِ ڳڙکيون ٺهيل آهن. ڪل ڊيگھ 28 فوٽ آهي. ڪوٽ کي ٻارنهن برج ۽ ٻه دروازا آهن. مکيه دروازو اوڀر ۽ ننڍڙي دري ڏکڻ طرف آهي اتر اولهه طرف کان ڳجھا در موجود هئا، جيڪي هاڻي بند ڪيا ويا آهن.
جاگرافيائي لحاظ کان هي ڪوٽ حڪمرانن جي حفاظت جو ضامن هوندو هو. سنڌ جي تاريخ ۾ سڪرنڊ کان نوابشاھ جي اترئين پاسي کي ساهتي پرڳڻو سڏيندا هئا. لوهاڻو صوبو هوندو، هو جنهن ۾ لاکاٽ لوهاڻو به ساهتي پرڳڻو هوندو هو. راءِ گھراڻي جي دور ۾ ان جو حاڪم اگھم هوندو هو. هڪ قديم شاهراھ گذرندي هئي، جيڪا ساهتي پرڳڻي ٿي دليل ڪوٽ وٽان گذرندو هئي، جنهن کي اروڙ وارو رستو اگھم وارو رستو ڪري سڏيندا هئا. انگريزن جي دور ۾ شاهراھ تار واري رستي سان مشهور هئي.
هن ڪوٽ جي ماڻهن کي صحت جو خيال رهندو هو. دليل ڪوٽ هاڪڙي جي وهڪري جي ڪپ تي هو جو بندر ۽ وڏو پتڻ هو.دهليله قلعي جي راجه جو نالو ديوراج هو جو ڏاهر جو سئوٽ هو مولائي شيدائي مطابق نوبيه به پٽ ڌاران هو ايڇ جي پورئي مهراڻ ۾ لکي ٿو ته دهليله فتح ٿيو. محمد بن قاسم اتي نوبه ئي مقرر ڪيو جيڪو ڌاران جو پٽ هو. ڌاران وري دهليله جو پٽ هو دهليله جيڪو بدلجي دليل ڪوٽ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جنهن جي روايت موجود آهي ته هي قلعو مير دليل خان ٽالپر ۽ دليل مگسي جوڙايو. نوجوان محقق خادم حسين چانڊيو پنهنجي تازي تحقيقي مقالي ۾ دهليل قلعي ۽ دليل ڪوٽ کي الڳ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن لاءِ ان کوڙ سارا تاريخي دليل پڻ ڏنا آهن. هن مطابق بهرور ۽ دهليله جا قلعا هاڻوڪي شهدادپور ۽ سنجھورو تعلقي جي اوڀر طرف ۾ هجن ٿا سندس مطابق عربن جي ڪاھ کانپوءِ ويندي ڪلهوڙن جي دور حڪومت تائين سنڌ جي تاريخ ۾ ڪٿي دهليل يا دليل نالي قلعي ۽ ڪوٽ جو ذڪر نٿو ملي. هن آهر ميرن جي دور حڪومت جي يادگار آهي. جنهن کي هرو ڀرو 13 سئو سال پراڻي دهليل قلعه سان قرار نه ڏنو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. دليل ڪوٽ جيڪو هاڻي آخري پساهن ۾ آهي، ممتاز ملاح جي قبضي هيٺ آهي. 1947ع ۾ انگريزن ڪوٽ سندس والد صديق ملاح ۽ چاچي ڌڻي بخش ملاح حوالي ڪيو، جيڪو هاڻي دليل ديرو سڏجي ٿو. [2]
حوالا
سنواريو- ↑ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/mehran/Book1/Book_page9.html#دليل_ڪوٽ/_دهليل_جو_قلعو_. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ سنڌ نامو پيج تان ورتل