دعا ، عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ ته التجا ۽ سڏ جي آهي پر مذهبي مفهوم ۾ هن مان مراد الله کان عام طور تي عبادت جي دوران ڪائي فرياد ڪرڻ يا ڪجهه طلب ڪرڻ آهي۔ ڪجهه آيتن جي ورد کي به دعا شمار ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ڪنهن شخص جي لاء نيڪ تمنا ۽ ڀلائي جي خواهش جي اظهار کي به دعا چيو ويندو آهي۔ اهل اسلام جي نزديڪ خدا کان دعا گهرڻ عبادت ۾ شامل آهي۔ خدا خود به ڪجهه دعائون ٻڌايون آهن ته بندن کي هن طريقي يا لفظن ۾ دعا ڪرڻ گهرجي۔ اگڙي طرح ڪجهه پيغمبرن جيڪي دعائون ڪيون آهن انهن جو به قرآن ۾ ذڪر آهي ته جيئن عام مسلمان به ان موقعن تي اهي ئي دعائون گهرن۔ حديث ۾ به ڪجهه دعائن جو ذڪر آهي جيڪي حضرت محمد صلي الله علیہ وسلم جم ڪجهه موقعن تي گهريون يا جن جي گهرڻ جو حڪم ڏنو۔