ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي نالي وارو اديب ۽ محقق، سندس پيءُ جو نالو گل محمد پٺاڻ آهي. هو 25 مئي 1945ع تي ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.

تعليم سنواريو

پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1963ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. بي. اي پرائيويٽ 1967ع ۾ ڪيائين. بي. ايڊ 1971ع ۾ اول پوزيشن ۾ پاس ڪيائين ۽ 1972ع ۾ ايم. اي سنڌي ٽئين پوزيشن سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1979ع ۾ ”ڪراچيءَ جو سنڌي ٻوليءَ علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. [1]

ملازمتون سنواريو

در محمد پٺاڻ 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ۽ 1985ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. ان ئي عرصي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي مقرر ٿيو، جتي ڪجهه عرصو قائم مقام ڊائريڪٽر به رهيو. ڊيپوٽيشن جا پنج سال پورا ڪرڻ بعد 1990ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 1991ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو ۽ 1991ع کان 1995ع تائين اتي ئي پرنسپال ٿيو. جتان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن وقت زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.[2]

مقالا ۽ ڪتاب سنواريو

سندس هن وقت تائين سنڌ بابت تحقيق کان سواءِ اٽڪل 500 کان مٿي ثقافتي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ڇپيل آهن. سندس ٽيهارو کن ننڍا وڏا ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، جن ۾:

  • ”موتي مور ملوڪ جا“ (سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي لوڪ شاعري، ترتيب: 1981ع)
  • ٻــارڙن لاءِ ”ذهـنـي آزمـائـش“ ۽ ”ڇـيـلـڙي وارو شـهـزادو“ (1984)،
  • ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“ (1985ع)، ”مولانا عبيدالله سنڌي“ (ٻارن لاءِ: 1985ع).
  • ”آدرش رنگ“ (شاعري: 1986ع)،”ادب ۽ ماحول“ (1987ع).
  • ”جهڙا گل گلاب جا“ (هندو شاعرن جي شاعري: 1988ع)
  • علامه آءِ. آءِ. قاضي سووينئر (ترتيب :1989ع)
  • ”موتين مٺ ملوڪ جي“ (سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي لوڪ شاعري: 1990ع)
  • ”سنڌي ادبي بورڊ ڪارڪردگي (ڪتـابـڙو:1991ع)،
  • ”لاتيون سهڻي لقمان جون“ (سگهڙ محمد لقمان جي لوڪ شاعري: 1995ع) ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ڪتاب ”ادب ۽ ماحول“ کي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران 1988ع ۾ ايم. اي سنڌي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. سندس ڪتاب ”جو مطالعو ڪيو مون“ 1983ع ۾ انڊيا ۾ شايع ٿيو.

گل حيات انسٽيٽيوٽ سنواريو

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ پنهنجي امڙ حيات خاتون ۽ ابي گل محمد جي نالي سان گل حيات انسٽيٽيوٽ جهڙو علمي ادارو پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي قائم ڪري مثال پيدا ڪيو آهي. هي سنڌ جو اهڙو غير سرڪاري ادارو آهي. جنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب ۽ فن، ثقافت، سياست، شخصيات ۽ تاريخ بابت اخباري ڪترُن تي مشتمل هزارين فائيلن جو مواد موجود آهي.

خذمتون سنواريو

ڊاڪٽر در محمد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد طرفان ڏهاڪو مضمونن ۾ پي. ايڇ. ڊي گائيڊ طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ ”پرزرويشن آف هسٽري ڪلچر ۽ لٽريچر آف سنڌ“ هـيٺ سندس ڪيل جاکوڙ ۽ ٻين خدمتن جي مڃتا طور 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ”ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪارنر“ قائم ڪئي وئي، جنهن مان ڪيترن شاگردن پـي. ايـڇ. ڊي لاءِ مدد حاصل ڪئي آهي. سندس خدمتن جو مختصر وچور هن ريت آهي: پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشوري جي ترجمي واري شعبي ڇپائيءَ جو اعزازي صلاحڪار (1986ع کان 1990ع تائين)، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ (1989ع کان 1991ع)، ميمبر بزم طالب الموليٰ (1968ع)، بنيادي ميمبر سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي (1984ع کان)، باني صدر سنڌ سگهڙ سنگت (1973ع کان)، بنيادي ميمبر لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي (1988ع کان)، باني صدر سنڌي رائيٽرس ڪلب (1984ع کان)، چيئرمين شهيد هوش محمد شيدي ويلفيئر آرگنائيزيشن (1986ع) ۽ باني گل حيات انسٽيٽيوٽ آگسٽ (1990ع کان) اڄ تائين.

مڃتائون سنواريو

ڊاڪٽر صاحب کي قلمي ۽ ادبي پورهئي تي ڪيترا اوارڊ مليا آهن، جـن ۾ ”سـنـڌيءَ ۾ تحقيـق کي تـرقي ڏيـارڻ“ تـي ”اديون ايوارڊ“ (1984ع)، ”سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ ترقيءَ بابت تحقيق“ تي (1985ع) ۾ چانديءَ جو ميڊل، ”سلور جوبلي آف سنڌالاجي“ (1987ع) ۾ ”سنڌ يونيورسٽي وائيس چانسلر ايوارڊ“، ”پاڪستان اسٽڊي شيلڊ“ 1989ع، ”سنڌ لاءِ تحقيق“ سنڌ گريجوئيٽس گولڊ ميڊل (1992ع)، ”طالب المـوليٰ اوارڊ“ (1993ع)، ”ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو اوارڊ“ (1996ع)، ”شيرل باڊاهـي اوارڊ“ (1995ع)، ”شهدادپور تعليمي اوارڊ“ (1995ع)، مهراڻ اڪيڊميءَ پاران ”پاڪستان سلور جوبلي اوارڊ“ (1997ع)،” سگا ايوارڊ“ (1998ع) شامل آهن.

ڊراما نگار سنواريو

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو سنڌي ڊرامو ”اونداهيءَ جا اولڙا“ ٽي. وي تان نشـر ٿـي چڪـو آهي. پاڻ هڪ ئـي وقت محقـق، شـاعر، استـاد، اديـب، نـقاد، دانشور، علم دوست ۽ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي.[3]

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. سنڌي ادب ۽ تحقيقي جو معتبر نالو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ | SindhSalamat, وقت 2017-08-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-29 
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011