دراوڙن وارو زمانو
قديم هجري (پٿر واري زماني کان پوءِ برف گهٽ پوڻ لڳي ۽ ڌرتيءَ جون حالتون ڦريون. ماڻهو ڌڻ ڌارڻ، کيتي ڪرڻ، باهه ٻارڻ ۽ ٿانءَ ٿپا جوڙڻ سکيا. ڌاتن مان سون کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڌاتوءَ جي اڃان سڌ ڪا نه هين. اڳي اڻ گهڙيل پٿر ڪم آڻيندا هئا، پر هن زماني ۾ پٿر گهڙڻ سکيا، ته ڪپ، ڏاٽا ۽ ٻيا اوزار پٿر جا ٺاهي سگهيا ٿي. اهو ”نئين پٿر وارو زمانو“(Neolithic or New Stone Age) سڏجي ٿو، جو اڄ کان اٽڪل پندرهن هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿيو هو. ڪيترا عالم ائين وسهن ٿا، ته جانورن جي هڏن جي لساڻ يا لسائيءَ مان ان وقت جي ماڻهن کي پٿر گهڙڻ جو خيال آيو، جنهنڪري اڻ گهڙيل پٿرن بدران گهڙيل پٿر ڪم آڻڻ لڳا. حقيقت ڪيئن به هجي، پر ايترو چئبو، ته آڳاٽن ڪولن ۽ سنٿالن کان هن زماني جا ماڻهو وڌيڪ سڌريل هئا، جنهنڪري هيءُ تهذيب جي ترقيءَ جو ٻيو دؤر ليکجي ٿو.
نئين پٿر واري زماني جي سڀيتا جو بنياد وجهندڙ دراوڙ لوڪ چوڻ ۾ اچن ٿا. هنن بابت عالمن کوجنائون ڪري ڄاڻايو آهي، ته ڪولن ۽ سنٿالن جي مٿان اهي لوڪ ڪاهي آيا ۽ منجهائن ڪيترن کي وچ هندستان ڏي هڪالي ڪڍيائون ۽ پاڻ اتر هندستان جا والي ٿي ويٺا. تازو مهن جي دڙي مان ڪن ڪولن ۽ سنٿالن جي کوپڙين سان گڏ ڪن دراوڙن جون به کوپڙيون لڌيون آهن. هن مان سمجهجي ٿو ته دراوڙن جي اچڻ کان پوءِ به ڪي ڪول ۽ سنٿال ساڻن گڏ رهيا پيا هئا. اهي پوءِ آرين سان به لهه وچڙ ۾ آيا هئا، تنهنڪري سنسڪرت ساهت ۾ انهن ٻنهي قومن جو ذڪر آهي.
سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ”اوڏ“ آهن، سي اصل دراوڙن جي ڪل مان آهن. اهي اصل ڏکڻ هندستان ۾ هئا، اتر هندستان ڏي اچڻ کان اڳ واٽ تي جيڪو هنڌ اول وسائي ويٺا، سو هنڌ سندن نالي پٺيان اوڏر ديش سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار پوءِ ڦري اوڙيسا (Orissa) ٿيو. بمبئيءَ کاتي جي ذاتين جو ذڪر ڪندي، هيءَ حقيقت اينٿوون صاحب ڄاڻائي آهي. انهن اوڏن مان پوءِ ڪي مارواڙ ويا، جتان پوءِ سنڌ ۾ آيا؛ پر ٻولي اڄ تائين مارواڙين جهڙي ڳالهائيندا آهن، اهي اصل هندو آهن، پر اڪثر مسلمانن جهڙي شڪل اٿن، ۽ ڪپڙا به اهڙا ڍڪيندا آهن. سندن پير رامڏيو آهي. جنهن جو ميلو سال بسال لڳندو آهي. ”اوڏ“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي اڏيندڙ؛ اهي اڄ تائين ڀتين جون اوساريون کڻندا آهن.
سنڌ ۾ هن وقت ٻيا ”ماڱر“ يا ماڃر (Maanjnir) ذات جا مهاڻا آهن. اُهي سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن، يا پوءِ ڏکڻ هندستان کان آيا سا پڪ ڪانهي – ايتري ڄاڻ ملي ٿي ته ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا ملبار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتيءَ، ڪڇ ڀڄ ۽ گجرات طرف جا ميربحر دنگيون هاڪاري، ملبار طرف پيا وڃن. ماڱر (Maangnir) ذات جا مهاڻا ملبار ۾ به گهڻا آهن، جنهنڪري چئبو ته ملبار ڪناري وارن سان لهه وچڙ هئڻ ڪري اهي سنڌ ۾ آيا هجن ته عجب ڪونهي.[1][2][3]
پڻ ڏسو
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: قديم سنڌ. ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران؛ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ سلامت
- ↑ stretched from India in the direction of Australia." E. Marsden and sir Henry sharp: A History of India, P.13
- ↑ Mr. Henry Cousens: The Antiquities of Sindh, Page 6