دالين جا گهڻا قسم آهن، جي سڀ ڦرين مان نڪرنديون آهن. اُهي هتي عام آهن ۽ ڀاڄيءَ وانگي ڪم اينديون آهن- تنهنڪري نالي جي لاءِ هتي ڏجن ٿيون. مٽرن جو اسان مٿي بيان ڏنو آهي. مڱ، چڻا، مهري يا مسور، ماه، تور يا ٿوهر _ اهي سڀ هتي اَن سان گڏ ٻنين ۾ پوکبيون آهن[1]

دال

دالين جا فائدا سنواريو

داليون اسان جي خوراڪ جو قيمتي جز آھن. جسم ۾ خون ۽ گوشت زيادھ دالن مان پيدا ٿئي ٿو. اڄڪلھ نون فيشني ماڻھن کي دال کان نفرت ٿئي ٿي انهن ۾ سبزين جو چسڪو پيدا ٿي ويو آھي. نوٽ ڪرڻ کپي تہ سبزيون ھاضميدار ۽ صحت بخش ضرور آھن پر انهن ۾ طاقت وارا جزا گهٽ پاتا وڃن ٿا. ڏينھن ۾ ھڪ ڀيرو دال ضرور استعمال ڪرڻ کپي. ماش جي دال ڳوري آھي ان کي ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو پچائڻ کپي باقي داليون روز ٿوري مقدار ۾ پچائجن.

Pulses are part of a healthy, balanced diet and have been shown to have an important role in preventing illnesses such as cancer, diabetes and heart disease. Pulses are a low fat source of protein, with a high fibre content and lowglycemic index.

داليون صحتمند ۽ متوازن غذا جو حصو آھن بيمارين جھڙوڪ ڪينسر ۔ شڳر ۽ دل جي بيمارين کي روڪڻ ۾ انهن جي اھميت ڏيکاري وئي آھي. دالون پروٽين جي گهٽ ذريعي واريون وڏو تاندوري مواد ۽ گهٽ گلوڪوسي فھرست رکندڙ آھن.

Pulses provide substantial amounts of vitamins and minerals including iron,

potassium, phosphorus, magnesium and zinc. Pulses are also abundant in B vitamins including folate, thiamin and niacin.

داليون فولاد ۔ پوٽيشم ۔ فاسفورس ۔ مئگنيشم  ۽ جست رکندڙ وٽامنن ۽ معدنيات جو تعدادي مواد مھيا ڪن ٿيون. دالون فوليٽ ۔ ٿيامن ۽ نياسن رکندڙ بي وٽامنن جي پڻ ججهاڻ رکن ٿيون.

نئين ٿيل تحقيق ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي تہ دالين ۾ موجود فائبر، وٽامن ۽ معدنيات دل جي صحت جي لاءِ بھترين آهن. جڏهن تہ دالين ۾ موجود فوليٽ وٽامن سي ۔ ڪئلشم ۔ جست ۽ ميگنيشيم بہ انساني صحت جي لاءِ تمام گهڻا لاڀائتا آهن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي تہ ميگنيشيم جي کوٽ دل جي بيمارين جو ڪارڻ بڻبي آهي، پر هاڻ دالن جي مناسب استعمال سان انهيءَ کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو. دالن ۾ موجود فائبر، رت ۾ ڪوليسٽرول جي مقدار کي گهٽ ڪري ٿو. جڏهن تہ داليون شگر جي مريضن جي لاءِ به تمام گهڻيون ڪارائتيون آهن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي تہ داليون انساني صحت لاءِ فائديمند آهن، جنهن جي مناسب استعمال سان صحتمند زندگي گذاري سگهجي ٿي.

دالين کي ھميشہ شام يا رات جو استعمال ڪرڻ کپي ڇوجو ھاضمي جي نظام ۾ بھتري ۽ ڪوليسٽرول کي گهٽ ۾ دالون مدد ڏين ٿيون.

ڏينھن جو دال يا صبح جو دال جي ڀاڄي کائڻ سان کاڌو جلدي ھضم ٿي وڃي ٿو ۽ بي وقت بک لڳي ٿي.

رات جو دال خاص ڪري مڱ ۽ چانور کائڻ سان ذائقي کي چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. دالن جا ھي فائدا آھن.

مئگنيشم جي کوٽ پوري ڪندڙ :-

دالين ۾ مئگنيشم Magnesium ۽ فوليٽ Folate موجود ٿئي ٿو جنھن جي ڪري دالين جي استعمال سان دل جي بيمارين جو خطرو دور رھي ٿو. ان ڪري دالين جو استعمال دل جي عارضن کان بچائي ٿو.

پٽاٽي ۽ چانورن کان وڌيڪ فائديمند :-

ڪينيڊا جي گليو يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ڪيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي تہ دالين ۾ چانور ۽ پٽاٽي جي ڀيٽ رت ۾ گلوڪوز جو مقدار 20 سيڪڙو گهٽ آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پنهنجي کاڌي ۾ پٽاٽي ۽ چانور  جي ڀيٽ ۾ دالين جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ ان جي نتيجي ۾ جسم ۾ نشاستو Carbohydrates بھتر ٿي ويندو.

داليون گوشت برابر :-

دالين ۾ نشاستو Carbohydrate  ۽ حرارا Vitamins وافر مقدار ۾ ٿين ٿا جيڪي جسم کي قوت بخشين ٿا. حرارن جي کوٽ جي صورت ۾ انساني جسم ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ وزن گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن دالين کي چانورن ۽ ڪڻڪ سان گڏ استعمال ڪيو وڃي تہ غذائيت جي حساب سان ھي غذا گوشت جي برابر ٿي وڃي ٿي. دالين کي پڪائڻ بغير ھضم ڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. دال کي زود ھضم ڪرڻ لاء ڏيڍ ڪلاڪ پسائڻ ضروري آھي.

خون جي نالين کي صاف رکندڙ :-

دالين ۾ موجد تاندور Fiber خون ۾ ڪوليسٽرول ليول کي ضابطي ۾ رکي ٿي. شڳر جي مريضن کي ڪوليسٽرول کي قابو ۾ رکڻ لازمي آھي ڇوجو دالين ۾ موجد تاندور Fiber خون ۾ ڪوليسٽرول ليول کي ضابطي ۾ رکي ٿي. خون ۾ وڌيڪ شڳر ھجڻ ڪري خون جي نالين جي صحت متاثر ٿئي ٿي ان ڪري ميون ۽ سبزين سان گڏ دالن کي خوراڪ جو حصو بنائجي. دالين ۾ چڪنائي نہ ھجڻ جي برابر ٿئي ٿي مثال طور 100 گرام دال ۾ 230 Calories حرارا ٿين ٿا.

فولاد  Iron سان سرشار :-

دالين ۾ فولاد ڪافي ٿئي ٿو. پنھنجي خوراڪ ۾ دالن کي ضرور شامل ڪرڻ کپي ڇوجو فولاد جي ڪمي جي ڪري جسم ۾ رت جي کوٽ اچي وڃي ٿي ۔ اکين ۾ اڇاڻ اچي وڃي ٿي ۔ مٿي کي ڦيري اچي ٿي ۽ ڪمزوري جو عارضو اچي وڃي ٿو. 100 گرام دال ۾ 37 سيڪڙو فولاد حاصل ٿئي ٿو.

دل جي دوري Heart Attack کي روڪيندڙ :-

جڏھن خون ۾ ڪوليسٽرول جي حد وڌي وڃي ٿي تہ خون جي ديوارن ۾ چرٻي جمع ٿي انهن نالين کي جام ڪري ٿي. دل جي فراھمي بند ٿي وڃي ٿي تہ دل جي دوري جو خطرو وڌي وڃي ٿو. دالن ۾ موجد تاندور Fiber جسم ۾ نقصان ڏيندڙ ڪوليسٽرول جي سطح ۾ کوٽ آڻي دل کي تحفظ فراھم ڪن ٿا. توھان سمجهي سگهو ٿا تہ جيڪڏھن دل کي رت جي فراھمي بند ٿي وڃي تہ دل جو دورو پئجي وڃي ٿو ۔ دماغ جي نبض ڦاٽي سگهي ٿي يا فالج ٿي سگهي ٿو.

نشاستو Carbohydrate کي جذب ڪندڙ :-

یونیورسٽي آف گیلف جي ماھرن مطابق جيڪڏھن شڳر جا مريض پٽاٽي ۽ چانور جي جڳھ تي داليون کائين تہ خون ۾ شڳر جو مقدار 35 سيڪڙو گهٽ ٿي سگهي ٿو.

یونیورسٽي سان وابستہ پروفیسر ایلیسن  ڊنڪن مطابق دالون نشاستي Carbohydrate  کي جذب ڪرڻ جي عمل کي بھتر ڪن ٿيون. داليون آھستي آھستي ھضم ٿين ٿيون ان ڪري خون ۾ شڳر جي مقدار نٿي وڌي. ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو تہ دالين کائڻ جي عادت شڳر نمونو 2 کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.

ھن تحقيق جي جنرل آف نيوٽريشن ۾ شايع ٿيڻ کان پوء کاڌن ۾ منڱ ۔ مسور ۽ چڻن جي دال جي اھميت وڌي وئي آھي. تحقيق جي سربراھ ڊاڪٽر ايليسن مطابق

” داليون غذائيت سان ڀرپور ٿين ٿيون جيڪي شڳر ۽ گلوڪوز سان وابستہ بيمارين کي دور ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون“.

ڪينسر دور ڪندڙ :-

روز گوشت کائڻ صحت لاء نقصانڪار آھي ۔ روز گوشت کائڻ سان آنڊن جي ڪينسر جو خطرو وڌي ويندو آھي. ميوا ۔ سبزيون ۽ دالين کائڻ سان ڪينسر جو خطرو نٿو رھي. دالن کائڻ سان قبضي جي شڪايت دور ٿي وڃي ٿي.

دماغ کي طاقت ڏيندڙ :-

دالين جو استعمال دماغ تيز ڪري ٿو. دالن ۾ فلوٽي نالي وٽامن بي جي ھڪ قسم پاتي وڃي ٿي جيڪا دماغي طاقت وڌائي ٿي. ھي جز امينو ايسڊ کي گهٽ ڪري ٿو جيڪو دماغ جي فعلن کي نقصان پھچائي ٿو. ھن جو استعمال ٿولھ کي گهٽ ڪري ٿو جنھن سان بي پي ۔ شڳر ۔ دل جي مرضن ۽ فالج جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو.

نوٽ :- يورڪ ايسڊ ۔ بي پي ۽ بواسير وارا مريض دالن کي استعمال نہ ڪن. https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1062909207196840&id=649790728508692

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو