داد پوٽا يا داؤد پوٽا(انگريزي: Daud Pota ) ھي پاڻ کي اصل عباسي خليفن جي اولاد امير احمد جي نسل مان ٿا ڄاڻن، جو مڪران مان سنڌ ۾ آيو[1].دائود پوٽا جونيا جي پٽ محمد جو اولاد آهن. پاڻ کي عباسي سڏائين ٿا[2]. انھيءَ ۽ انھيءَ جي پٽ ٺٽي جي ھندو حاڪمن جون ڌيون پرڻيو ۽ اُتي حاڪم ٿي رھيا، پر پوءِ برھمڻ آباد جي ھندو راجا اُنھن کي ھڪالي درياھ لنگھائي ڇڏيو ۽ ھو وڃي سيوھڻ جي ويجھو ويٺا[1]. ڄام چينه کي اڪبر بادشاھ کان جاگير مليل ھئي[1]. پوءِ ھن کي پنھنجي ڀائٽئي ڪلھوڙي سان وڙھڻو پيو. آخر بيزار ٿي اُتر ڏي ويو ۽ وڃي زمينداري ڪم کي لڳو[1]. ٻيا ڪي چون ٿا ته داؤد پوٽا اصل ڪوري ھئا ۽ سندن ڏاڏو داؤد ٻِن سون ورھين جي عمر جو ھو. داؤد جي اٺين پيڙھي بھادر خان اورنگزيب بادشاھ جي ڏينھن ۾ بکر جي حاڪم وٽ نالو ڪڍيو ۽ لکي ۽ خانپور جاگير ۾ مليس[1]. منجھانئن دائود بهادر ٿي گذريو آهي. هن جھانگير جي زماني ۾ مهرن کي شڪست ڏئي ٻئي قبيلي جتوئي بلوچن کي شڪست ڏئي لکي جو شهر ٻڌو اتي ھڪڙو وڏو ٻيلو ھو، جتي شڪار ڪندو ھو[2]. انھيءَ وقت ڌاري شير خان مَھَر پنھنجي قوم جو لشڪر وٺي اُٻاوڙي مان اچي لکي ۽ آسپاس ھٿ ڪري ويھي رھيو. بھادر خان ھن سان جنگ ڪئي ۽ ھن کي ڀڄائي لکي ڦري شڪارپور جو شھر ٻڌائين ۽ شڪارگاه ھئڻ ڪري اھي نالو ڏنائينس. اھا ڳالھ سنه 1026ھ (سنه 1617ع) ۾ ٿي. پوءِ جو احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو[1]. بهادر خان دائود پوٽي پير سلطان ابراهيم شاهه جي فهمائش موجب 1026ھ/1617ع ۾ شڪارپور جو شهر ٻڌو. دره بولان جي منهن وٽ هئڻ ڪري هن شهر ستت واپار ۾ ترقي ڪئي[2]. دائود جو اولاد عارب، عباس، حسن، حسب، قاسم جو اولاد عارباڻي، حسني، هيسباڻي، عيسيٰ جو اولاد عيساڻي، فيروز جو اولاد فيروزاڻي سڏجن ٿا[2]. دائود پوٽن ٿورو وقت حڪومت ڪئي. سنه 1740ع ۾ جڏهن نادر شاهه ايران ڏانهن موٽيو، تڏهن سندس سپهه سالار طهماسپ هٿان صادق محمد ۽ سندس پٽ مبارڪ خان مارجي ويا[2]. محمد صادق جي پٽن مان بهاول خان اول 1749ع سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي بهاولپور جو شهر تعمير ڪرايو. بهاولپور جي رياست عباسين جي يادگار آهي[2].

دائود پوٽا
ٻوليون

سنڌي

مذھبَ

اسلام

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 [ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو]
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو