دائل ايئرن(انگريزي: Dáil Éireann) مختصرن دائل(انگريزي: Dáil ) (Listeni/dɔɪl ˈɛərən/ DOYL-_-AIR-ən,[1] آئرلينڊ جي اسيمبلي آئرلينڊ جي اريڪتاس جي نالي سان پارليامينٽ جي ھيٺين ۽ مکيه ايوان جو نالو آهي. ھي ايوان آئرلينڊ جي آئين 1937ع تحت ڪم ڪندو آهي. ائيرن ايوان اريڪتاس جو ھيٺيون ايوان آھي جيڪو يونيورسل ووٽ واري بنياد تي عوام طرفان سڌي چونڊ ذريعي جڙندو آهي. ان ايوان جي رڪنن کي چونڊيندڙ ووٽر گھٽ ۾ گھٽ 18 سالن جي عمر جا ھوندا آھن. ان ايوان جي چونڊ ھر پنجن سالن بعد ٿيندي آهي. ھن ايوان جي تحليل ڪھڙي بہ وقت تيشخ جي. درخواست تي ٿي سگھي ٿي. ھن ايوان جي چونڊ ۾ متناسب نمائندگي لاء سنگل ٽرانسفرئبل ووٽ وارو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي ھن ايوان جا 160 رڪن آھن جن کي آئرش ٻولي ۾ چيختا دائلا (Teachta Dála) سڏيندا آهن جنھن جي معنيَ آهي دائل جو رڪن آهي. ھن ايوان جي اسپيڪر کي ڪن ڪوئلا چوندا آهن ڊپٽي اسپيڪر کي لئيس ڪن ڪوئلا سڏيندا آهن.

دائل ايئرن
Dáil Éireann

آئرلينڊ جي اسيمبلي
Coat of arms or logo
قسم
قسم
جيڪو ھيٺيون ايوان جو حصو آهي
اڳواڻي
ڪن ڪوئلا
(Ceann Comhairle)
شان او فيورٽ
ڪن ڪوئلا جي چونڊ، 2016 کان
ڪيٿرئن ڪونولي، آزاد اميدوار
مخالفت ڌر جو اڳواڻ
تيشخ جي معاملن جو وزير مملڪت
ڍانچو
سيٽون 160
چونڊون
سنگل ٽرانسفرئبل ووٽ
پويون چونڊون
آئرش چونڊون 2020
ايندڙ چونڊون
20فيبروري 2025 جي لڳ ڀڳ
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ
دائل چيمبر
لينسٽر ھائوس، ڊبلن
ويب سائيٽ
oireachtas.ie

حوالا سنواريو

  1. "Dáil". ڊڪشنري (آڪسفورڊ ليڪسيڪو) UK Dictionary. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. حاصل ڪيل 30 November 2013.