خچر (انگريزي: Mule؛ عربي: ابو اشجع، فارسي: استر، هندي: بابو، پيرو ۽ بزدون)، گهوڙي جي قسم جو هڪ جانور آهي، جيڪو گهوڙي کان قد ۾ ننڍو ٿيندو آهي. ھي جانورن جو ڪو علحده نسل ناھي پر گڏھ ۽ گھوڙي جي جنسن جي ميلاپ مان مادہ ڳڏھ يا ماده گھوڙيء مان ورتو ويندو آھي.[1]

خچر
پالتو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Synapsida
جنس: ا. ايسينس? × ا. ڪبالس?
هم معنيٰ

ايڪوئس ملوس

گڏھ ۽ گھوڙو جڏھن پاڻ ۾ لڳ ڪندا آهن تہ خچر پيدا ٿيندو آهي. خچر ۾ پنھنجي ذات پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ناھي.[2] خچر ۾ پنھنجي پيءُ ماءُ جون سڀ خوبيون موجود ھونديون آھن. منجھس گڏھ جي اورچائي، صبر ۽ پيرن جي پختائي، گھوڙي جي طاقت، قدبت ۽ تيزي موجود ھوندي آھي. جتي گھوڙو ڪم نه ڪري سگھي يا جتي تمام گھڻي گرمي ھجي اتي خچر ڪم ڏئي سگھي ٿو.[3] خچر گڏھ (نر) ۽ گھوڙيء جو اولاد آھي. گڏھ (مادي) ۽ گھوڙي (نر) جو اولاد خچر کان بلڪل جدا قسم جو ٿئي ٿو. اھو گھوڙي وانگر ھڻڪاريندو آهي ۽ گڏھ يا خچر وانگر ڪڏهن بہ ھينگندو ناھي. ان جي بدني بناوٽ گھوڙي سان گھڻي قدر مشابھت رکي ٿي. ھو خچر کان ننڍو ٿيندو آهي ۽ تمام ٿوري تعداد ۾ اسپين ۽ دنيا جي ٻين ٿورن ڀاڱن ۾ ملي ٿو.[4]

اثر: گرم خشڪ 3، _______________-، وزن: قدر موافق.

خاصيت: هن جو گوشت، سنڌن جي پراڻي سور ۽ عرق النسا لاءِ مفيد آهي، هن جي چرٻي نقرس جي سور، عضون جي سيٽجڻ، ٻنڌين جي ڍرائي، ڪم طاقت ۽ سور وارين جاين تي مالش ڪرائجي ته فائدو ٿيندو. هن جي چرٻي ۽ کر ساڙي حمل واري عورت کي دونهون ڏجي ته ٻار ڪري پوندو..[1]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر، ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
  2. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر، پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. صفحو:21}
  3. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛ پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. صفحو:20}
  4. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛ پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. صفحو: 21}