خوش خير عافيت:

سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ خوش خير و عافيت جا جدا جدا لفظ استعمال ۾ ايندا آهن. جي ڪو ماڻهو ڪنهن سانگري ڇپر وڃي نڪتو، ته جنهن جي گهر ۾ ٻاهران وڃي سڏ ڪندو اهو گهران ئي حقو، تڏو ۽ ڪڙو کڻيو ايندو،تڏو وڇائي چسي ڏئي همراه کي ويهارينديو، پوءِ چوندو ”ادا کش ائين چڱو ڀلو متارو“ ائين ٽي دفعا چئي ويندو. پوءِ وري مزمان اڳيان واري سان چوندو ”شخر (شڪر) آهي. ڌڻيءَ جون ڀلايون، مڙئي سک.“ پوءِ هو چوندو، ”ڀلي آئين.“ پر جي ڪو عزيز يا ويجهو دوست هوندو ته پوءِ سج لاهي ڇڏيندس. اهڙيون ڊگهيون خوشخبرون ڪندا جو ٻيڙي تاريو ڇڏين. چوندا ته ”ادو کش انئين، چڱو ڀلو، ميو متارو، سهتو سمرو،نمرو، ٻار ٻچا،سنگت ساٿ“، پڇاڙيءَ ۾ چوندا ” شال خوش هجين.“ ۽ مزمان واري واري سان چوندو ويندو ” شخر آهي، دعا ٿو ڪريان، ٻيلي غلام، الله جو ڀلايون وغيره وغيره.“ وري ائين مزمان پڇندو ۽ هو جواب ڏيندو. جبل ۾ ائين ”کش کش“ جون ٽي وراڻيون ڏين. هڪ ته اچڻ سان، ٻيو حقو پاڻي پياري، ٽيون وري ماني کارائي. پوءِ پڇاڙيءَ ۾ چوندا ته ”ڀائو کبرون؟“ پوءِ مزمان کبرون ٻڌائيندو. جي جبل جو هوندو ته انهيءَ کان پهرين جتي گڏيا هوندا اتان کان ئي بيهندا. مثلاًَ: چوندو ته ”ادو کبرون مڙئي کير جون (خير)، ٽيو ورهه مڱيجيءَ ۾ گڏ هئاسون، ڪک ڇڏي ويو. لهي پياسين سنڌ ڏي، پر جبل ڪونه وٺو. رهي پياسين هيل جبل وٺو ته سنڌ کي ڇڏيوسين، هت تو يار اين جي وڙول ڏيڻ آيو ائين. ايون چوراڻيون ائن هت سوين لڳندو بٺيءَ پار سوڊي خان کي ڏسندو اڳٿي ڇو(ٿو) وڃان ٻيو مڙئي کير.“ هو چوندو ” گهر جي به کير.“ ائين چئي وري شروع ٿي ويندو خوش خير و عافيت ۾، وري مزمان جو وارو ايندو کبرن جو، اهو چوندو ته ”ادو پنهنجون کبرون؟“ هو چوندو ته ”ادو ڄاڻين سڃاڻين ٿو- ٽيو ورهه مڱيجي ۾ گڏ هئاسين، اتان ڇڻندو (ٿيندو) لهي پيس سنڌ ڏي، اَلو ڊگهين پيرين واري ڪسائيءَ وٽ ڪي ڏوڪڙ رهيل هئا، اتان ڇڻندو ڪراچيءَ واپارين پار ويس، اتان ڇي (ٿي) پر هت آيس ته ڇوڪر ڪڻسيو پيو هو ائو سنهتو ڇئو (ٿيو) ته گهر ۾ چاڪائي ڪين ٿي، الله ڀلائي ڪئي اتي ئي رهي پيس، توسين گڏيس ٻيو مڙوئي کير“ ته مزمان چوندو ته ”هوندو به کير“. جي لاڙيءَ ماڙهوءَ وٽ ڪو مزمان ٽلڪندي اچي سهڙيو، ته ڀليڪار ڏيئي، چسي ڏئي اچي وهندا کبرن تي. مزمان کان پڇندا ته ”کش ائين، چڱو ڀلو، متارو، جوڙ، کش ائين، چڱو ڀلو، متارو جوڙ.“ مزمان وري چوندو ويندو ته ”الله جا ٿورا شخر آهي، مڙئي کير.“ پر جي ڪو ويجهو عزيز يا دوست هوندو ته اهي ئي ڊگهيون کبرون تاڙي بيهندا ته ”ادا کش ائين چڱو ڀلو، ڀڙ جوڙ، گهوڙا ٻيڙا، دين ايمان ، ڳوٺ راڄ ، سنگت ساٿ.“ هو واري واري سان چوندو ايندو ”ٻيلي غلام، الله جون ڀلايون، دعا ٿا ڪريون.“ وغيره وغيره پوءِ پڇندا کبرون. پر جي ٿري ملندا ته ٿوري ۾ ئي نبيري ڇڏيندا، چوندا ”اي ڀائو کش، چڱو ڀلو جوڙ ئي جوڙ شال کش هجين،“ اڳلو ورائيندو ”شخرانه، ڌڻيءَ جون ڀلايون، مڙئي سک“ ائين جي ڪچهريءَ ۾ ڪي ٻاهر جا اچي نڪتا چڱي مڙس کان وٺي سڀ ڳوٺ جا آيل ماڻهو ڀليڪار ڏئي. چسي ڏئي پنهنجين پنهنجين جاين تي وهندا ۽ واري واري سان ائين خوش خير و عافيت پڇندا ايندا. پوءِ چڱو مڙس ٻاهران آيل مان ڪنهن وڏيرڙي ڏي مهاڙ ڪري چوندو ”ادا کبرون؟“ پوءِ اهو يا ڪو ٻيو انهن جو ساٿي کبرون ٻڌائيندو. وڏي ڪچهريءَ ۾ خوش خير و عافيت، ته سڀڪو ڪندو پر کبرون رڳو اتي جو چڱو مڙس يا ڪو ٻيو وڏو پڇندو ۽ مزمانن مان به رڳو هڪڙو کبرون ڏيندو، ٻيا سڀ ماٺ ڪري ويهي ٻڌندا. اتر ڏي به خوش خير و عافيت ٿوري ڪن ۽ کبرون به ٿوريون ٻڌائين. پوءِ جي انهن مزمانن ۾ ڪو نڙ بيت وارو يا ڪو سگهڙ يا ڪافين چوڻ وارو يا گهجارت ڀڃڻ وارو يا ڪو ڏهس سينگار وارو هوندو ته سڄي ڪچهري جو منهن ڦري اوڏي ٿيندو.“ بس پوءِ ته رنگ لڳيو وڃن. ڪيڏي مهل ڳجهارتون ته ڪيڏي مهل بيت، ڪيڏي مهل ڏهس سينگار ته ڪيڏي مهل ڪافيون بس ڌم لڳي پئي هوندي، آڌي لڙي ته ڇا، ڏينهن اڀري ته ڇا، رس ڪير ٿو ڇڏي. الاجي وري ڪي اهڙا سگهڙ اچن يا نه!.[1]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page6.html.  Missing or empty |title= (مدد)}