خِطن جو ڳانڍاپو بين الاقومي برادريءَ ۾ سهڪار ۽ ويجهڙائپ جو عمل، جنهن ذريعي مختلف رياستون سياسي، نظرياتي، مذهبي يا نسلي بنيادن ۽ معاشي/ علائقائي فائدن کي نظر ۾ رکندي، لاڳاپيل سرڪارن ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍجي وڃن. اهو سهڪار وڌڻ جي صورت ۾ الڳ الڳ جاگرافيائي وجود رکندي بہ نيون سياسي وحدتون قائم ٿين ٿيون، جڏهن تہ سهڪار گهٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ اهڙي گڏيل معيشيت، قانون ۽ واپار وغيره جهڙن خاص شعبن تائين هجي ٿي. اهڙي طرح سياسي ڳانڍاپو سياسي سرشتي کي سگهارو ڪري سٺن فيصلن ڪرڻ سان گڏ سياسي برادري جوڙڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. ان جي نتيجي ۾ علائقائي تنظيمن ۽ گهڻ- قومي سهڪاري فورمن جي جڙڻ سان تڪراري ماحول پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. ان حوالي سان سارڪ، عرب ليگ، آفريقي اتحاد تنظيم ۽ يورپي يونين سميت ٻيا گهڻا ئي مثال ڏئي سگهجن ٿا.[1]

حوالا سنواريو