خديجہ بنت القيم(انگريزي: Khadeja bint e alqem) هيءَ خاتون ، حديث ۽ ادب جي علم ۾ امام ٿي گذري آهي. هوءَ ”حمام قيمي ناطوريءَ“ جي ڌيءُ هئي، جو بغداد جو رهاڪو هو. عالمن هن خاتون کي ”اُمة العزيز“ جو لقب ڏنو هو. هوءَ سنه 608ھ (1211ع) ۾ ڄائي هئي. انهيءَ وقت جي رواج موجب، هن کي تمام چڱي تعليم ملي. پهريائين وطن ۾ وڏن وڏن عالمن ۽ استادن جي شاگرديءَ ۾ فيض حاصل ڪيائين. پوءِ سفر ڪري شام جي جدا جدا علمائن وٽ علم پڙهيائين. مصر ۾، ابن حميري ۽ علي بن مختار عامريءَ وٽ، گهڻا ورهيه پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم ڪيائين. حديث جي علم ۾ هن ڏاڍو نالو ڪڍيو، ۽ تاريخن ۾ اڃا تائين هن جي تعريف هلي اچي. هن سنه 699ھ (1299ع) ۾ وفات ڪئي[1].

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 11 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}

حوالا سنواريو