خبازي (عربي: خبازي، فارسي: نان ڪلاغ، ھندستاني، وغيره: تخم خبرور، پنيرڪ، پاپڙا، ابم، ڪماجي، ۽ شبوئي) خطميءَ جي شڪل تي خطميءَ جي ٻج کان ڪجهه سنهو ڀوري رنگ تي هڪ ٻج آهي.

طب سنواريو

اثر: سرد تر 1، نقصان: معدي کي، ميل: ميوَن جو پاڻي، عيوض: خطمي، وزن: پنجن کان ست ماسا.

سودا ۽ بلغم جي خلطن، صفراوي ۽ گرم تپن، جگر جي سدن ۽ ٻرهل جي سختيءَ کي تحليل ڪرڻ لاءِ منضج آهي. سوري، پيچش، آنڊن جي ڦٽ، ٻرهل جي سور، يرقان، مثاني جي ڦٽ، نڙيءَ جي آواز صفا ڪرڻ، کنگھ ۽ سيني جي رطوبت خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. هن جو ضماد جگر جي سور ۽ سوڄ کي فائدو ڪري ٿو. وڇونءَ جي ڏنگ تي هن جي ٽاڪور ڪجي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.