ّخاڻوٽ (Khanote) سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري مانجهند تعلقو، ڄامشورو ضلعو، سنڌ جو قديم شهر آهي. ڪوئلن جي کاڻين جي ڪري مشهور ڳوٺ جو اشتقاق به (خاڻ+وٽ) کي ملائي خاڻوٽ ٺاهيو ويو آهي. مؤرخ لکن ٿا ته آڳاٽي وقت ۾ اتي جا رهاڪو متعلوي سيد خاندان رهاڪو هو.[1] هن وقت مختلف ذاتيون ميمڻ، ملاح، سيد، ڪوريجا، کوسا، برهماڻي، شيخ ۽ ميگھواڙ رهائش پذير آهن. پرائيمري کان سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري تائين تعليم جو بندوبست به آهي ته بيسڪ هيلٿ اسپتال پڻ آهي.