خاڪ شفا: نالا: ع. طين الحميد، ف. خاڪ شفا، هه. وغيره___ مٽي پاڪ، طين الشفا ۽ خاڪ شيرازي. سڃاڻپ: ڳاڙهاڻ مائل اڇي رنگ تي ٽڪين جي صورت ۾ ٻڌل مٽي آهي. جنهن لاءِ ڪن جو چوڻ آهي ته "اها مٽي زاد شرفه" يعني ڪربلا معليٰ مان آڻيندا آهن، ڪي چون ٿا ته شيراز ملڪ جي مٽي آهي.

طب سنواريو

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ___-، ميل: گلاب جو پاڻي، عيوض: ___-، وزن: ٽي ماسا. خاصيت: دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿي، تپن، وبائي دستن، وڇون ۽ نانگ جي زهر لاءِ، ڦٽن، ۽ سوڄن ۾ مفيد آهي. شيعه حضرات انهيءَ ٽڪيءَ تي نماز پڙهندا آهن..[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو