ھيٺيون ايوان يا ايوان زيرين :(انگريزي: lower house) ھڪ بحث مباحثي جو ٻہ ايواني پارليامينٽ جو ھڪ ايوان آھي جڏھن تہ ٻيو ايوان مٿيون ھوندو آھي.[1] ھيٺين ايوان جو نالو ھجڻ باوجود دنيا جي ملڪن جي اڪثريت ۾ ھي ايوان سڀ کان وڌيڪ بااختيار ھوندو آھي.

آئرلينڊ جي پارليامينٽ جو ھيٺيون ايوان ڊيئل ارئيئن

ھيٺين ايوان جي عام سڃاڻپ سنواريو

مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ ھيٺين ايوان جون ڪجهه عام وصفون ھونديون آھن جيڪي ھيٺ بيان ڪجن ٿيون اختيار

  • پارلياماني نظام ۾ ھيٺين ايوان کي:
    • موجوده دور ۾ مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ اختيار مليل ھوندا آھن
    • ھي ايوان جو فيصلو مٿئين ايوان جي فيصلي تہ برتري جو اختيار رکي ٿو..
    • ھي ايوان حڪومت جي خلاف عدم اعتماد تحريڪ تي ووٽنگ جا اختيار ڏئي ٿو.
    • آسٽريليا ۽ اٽليءَ جي سينيٽ جي صورتحال وري مختلف آھي جتي مٿئين ايوان وٽ وڌيڪ اختيار آھن
  • صدارتي نظام ۾. ھيٺين ايوان ۾:
    • ھيٺين ايون کي ڪجهه مخصوص اختيار ھوندا آھن
    • ڪنھن بہ انتظامي عھديدار جي خلاف مواخذي جي منظوري صرف ھيٺيون ايوان ڏيندو آھي جنھن بعد مٿيون ايوان مواخذو شروع ڪندو آهي.
    • روزمره جا محصولات جي آمدني وڌسئڻ وارا ۽ فنڊن جي استعمال وارا بل ھيٺين ايوان ۾ ايندا آهن

مرتبو:

  • ھن ايوان جا ميمبر سڌي چونڊ سان منتخب ٿيندا آهن
  • ھن ايوان جي چونڊ جو ووٽنگ جو طريقو مٿئين ايوان کان مختلف ھوندو آھي.
  • ملڪ جي اندر وڏي آبادي وارين رياستن ،صوبن ۽ انتظامي يونٽن کي وڌيڪ نمائندگي ۽ گھٽ آبادي واري کي گھٽ نمائندگي ملندي آهي.
  • ھن ايوان جي اليڪشن مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ جلدي ٿيندي آهي.
  • سموري ايوان جي چونڊ ساڳي وقت ٿيندو آھي جڏھن تہ مٿئين ايوان ۾ چونڊ حصن ۾ ٿيندو آهي.
  • ھي ايوان بجيٽ جي منظوري ۽ ڦيرڦار لاء مڪمل اختيار رکندي آهي
  • ھن ايوان جو مدو مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ گھٽ ھوندو آھي.

ھيٺين ايوان جا نالا سنواريو

مختلف ملڪن جي ھيٺين ايوانن جا مختلف نالا ھوندا آھن جيڪي ھائوس يا چيمبر ھوندا آھن ۽ ميمبرن کي ريپريزنٽيٽوز، ڪامنز، ڊيپوٽيز ، پيپلز وغيره سڏيو ويندو آهي ان کان علاوه نيشنل اسيمبلي ، قومي اسيمبلي ، ھائوس آف اسيمبلي چوندا آهن. نمايان نالا ھيٺ چارٽ ۾ ڏنل آھن.

حڪومت ھيٿين ايوان جو منفرد نالو معنیٰ
 آسٽريا نيشنلريٽ قومي ڪائونسل
  جرمني بنڊسٽاگ ڊائيٽ
  يونان Βουλή των ڪائونسل آف ھيلينز
  ڀارت لوڪ سڀا ھائوس آف پيپلز
  انڊونيشيا ديوان پرواڪلئن رئڪيات پيپلز ريپريزنٽيٽوز ڪائونسل
  آئرلينڊ ڊيئل ايريئن اسيمبلي آف آئرلينڊ
  آئل آف مئن ھائوس آف ڪيز
  اٽلي ڪئميرا ڊيئي ڊيپوٽيٽي چیمبر آف ڊپٽيز
 قزاقستان مزيليس مجلس
  ملائيشيا ديوان رئڪيات عوامي ھال
  ميانمار پائٿو ھلوتاو

[2]

ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز
 نيدرلينڊز ٽويدي ڪامير سيڪنڊ چيمبر
  پولينڊ سيجم گيڌرنگ (انگريزي: gathering)
  روس اسٽيٽ ڊوما
  اسپين ڪانگريسو ڊي لاس ڊپٽوڊوس ڪانگريس آف ڊپٽيز

حوالا سنواريو

  1. Bicameralism (1997) by George Tsebelis.
  2. "pyithuhluttaw.gov.mm". www.pyithuhluttaw.gov.mm. حاصل ڪيل 2016-03-02.