ھائيڪو

جاپاني شاعري جي تمام ننڍي شڪل

هائيڪو (Haiku) جپاني ٻوليءَ جي صنف آهي جيڪا سنڌي شاعري ۾ رائج ٿي. هائيڪو جپاني لفظ ”هيڪو“ مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي مفرد يا اڪيلو ڪلام. هائيڪو هڪ عڪس آهي، جذبي سان ڀريل اهو معروضي عڪس آهي، جيڪو وٿ (Object) کي وقت ۽ ماڳ ۾ متعين ڪري ٿو ۽ ان ۾ موسم جو عنصر هئڻ ضروري آهي. هائيڪو ۾ ٽي سٽون هونديون آهن، پهرين ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن ۽ وچين سٽ قافيي کان آزاد هوندي آهي. هن کي ٽيڙو به چيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ هائيڪو کي نارائڻ شيام متعارف ڪرايو. شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ چوٽ تي رسايو: سنڌيءَ ۾ ”هائيڪو“ جو پهريون مجموعو شيخ اياز ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ڇپيل آهي. ان بعد طارق عالم ابڙي ۽ وسيم سومري جي هائيڪن جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. "هائيڪو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-08-12.