گڏيل لاڳاپو (Correlation) (نسبت، تعلق، لاڳاپو، واسطو) انگن اکرن واري تحقيق ۾ گڏيل تعلق مان مراد آهي تہ گڏيل تبديليون يعني ڪنهن شيءِ جي گهٽ پئدا ٿيڻ ڪري ڪن ٻين شين تي بہ ساڳيو اثر پوي. سمجهو تہ جيڪڏهن ڪپھ يا ڪمند گهٽ پئدا ٿيندو تہ، انهيءَ جو اوترو اثر ڪپڙي ۽ کنڊ جي پيدائش تي پوندو ۽ جيڪڏهن ڪپھ ۽ ڪمند وڌيڪ پيدا ٿيندا تہ ڪپڙو ۽ کنڊ وڌيڪ تيار ٿيندي يا انهن جو وڪري تي اوترو اثر پوندو. اهڙيءَ طرح هڪڙين شين جي قدر جو اثر ٻين شين جي قدر تي ٿيندو آهي، تہ اهڙي تعلق کي گڏيل تعلق چيو وڃي ٿو. اهو اثر ڪڏهن مخالف هوندو آهي ۽ ڪڏهن برابر هوندو آهي. يعني مخالف هن طرح هوندو آهي تہ جيڪڏهن ڪپھ ۽ ڪمند گهٽ پئدا ٿيندا تہ ڪپڙو ۽ کنڊ گهٽ تيار ٿيندي. اهو اثر برابر رهندو، پر ڪپڙي ۽ کنڊ جي گهٽتائي ڪري انهن جو قدر وڌي ويندو ۽ جنهن ڪري سندن قيمت وڌي ويندي ۽ اهڙي حالت ۾ اهو اثر مخالف هوندو. اهڙي طرح گڏيل تعلق ٻن قسمن جو هوندو آهي: مثبت ۽ منفي[1]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين؛ پھريون ايڊيشن 1983ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}