گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقيءَ بابت ڪانفرنس

گڏيل قومن جو هڪ ادارو

گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي بابت ڪانفرنس(انگريزي: United Nations Conference on Trade and Development) جنھن کي مختصرن (UNCTAD) چوندا آھن. تاريخ 30 ڊسمبر 1964ع ۾ قائم ٿيل گڏيل قومن هيٺ بين السرڪاري اداري جو مقصد اسرندڙ ملڪن جي اقتصادي ترقي ۽ انهن کي اُسريل ملڪن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ بين الاقوامي واپار کي هٿي وٺرائڻ آهي. ان کانسواءِ پيداواري جنسن جون مُناسب ۽ مستحڪم قيمتون مقرر ڪرائڻ به سندس مُکيه ڪمن مان آهي. هي ادارو جهاز راني، صنعت، جنسن واري واپار لاءِ امداد فراهم ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي مُهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. گڏيل قومن جي تنظيمي ڍانچي اندر هيءَ ادارو UNDP سان گڏجي ڪم ڪري ٿو. سندس هيڊ ڪوارٽر سئٽزرلئنڊ/سئزرلئنڊ جي شهر جنيوا ۾ آهي. [1]

گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقيءَ بابت ڪانفرنس

سوئيٽزرلينڊ جي شھر جينيوا ۾ پئليس آف نيشنز ۾ واقع گڏيل قومن جو ھن اداري جو صدر مقام
مختصر UNCTAD
تشڪيل 1964
صدر دفتر جينيوا, سوئيٽزرلينڊ
بنيادي تنظيم
گڏيل قومن جو ادارو
ويب سائٽ unctad.org

حوالا سنواريو