گڏيل قومن جي انساني ماحولياتي ڪانفرنس

گڏيل قومن جي انساني ماحولياتي ڪانفرنس يا (يونائيٽيڊ نيشنس ڪانفرنس آن دي هيومن انوائرونمينٽ)(انگريزي: United Nations Confernce on the Human Environment UNCHE) پنج جون کان 16 جون 1972ع تي سويڊن جي گاديءَ جي هنڌ اسٽاڪ هوم ۾ پهرين گڏيل قومن جي انساني ماحولياتي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ان ڪانفرنس ۾ 113 ملڪن جي نمائندن، بين الاقوامي غير سرڪاري تنطيمن ۽ بين الحڪومتي تنظيمن جي عيوضين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ بين الاقوامي سطح تي ماحولياتي سرگرمين بابت ويچار ڪندي ڪي اهم اصول طئي ڪيا ويا. ان کان سواءِ انساني سرگرمين جي ڪري ماحول تي پوندڙ ناڪاري اثرن جو جائزو وٺندي، عالمي سطح تي سهڪار جو اقرار ڪندي، ماحولياتي بهتريءَ لاءِ اڳڀرائيءَ تي زور ڏنو ويو.[1]

گڏيل قومن جي انساني ماحولياتي ڪانفرنس

سويڊن جي پارليامينٽ ۾ ڪانفرنس جو اجلاس
مختصر UNCHE
تشڪيل 16 جون 1972
بنيادي تنظيم
گڏيل قومن جو ادارو

حوالا سنواريو