گيت (Lyric) لکظ سنسڪرت جي لکظ ”گيھ“ مان نڪتو اھي، جنھن جي معنيٰ اھي ”کائڻ“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو شعر جو ڳائڻ ۾ اچي يا ڳائي سگهجي. گيت، اصل هندي شاعريءَ جو قسم آهي، پر گذريل وڏي عرصي کان سنڌي شاعرن به گيت لکڻ شروع ڪيا آهن. گيت ۾ پهريائين هڪ، ڏيڍ يا ٻه سٽون ٿلهه طور آڻبيون آهن ۽ باقي سڄي گيت جي هر هڪ بند ۾ هڪ، ڏيڍ، ٻه، اڍائي يا وڌيڪ سٽون رکبيون آهن. گيت ۾ اڪثر ٿل جو پويون پد (حصو)، هر بند جي آخر ۾ وراڻيءَ طور آڻبو آهي. ڪي شاعر وري مختلف وراڻيون پيش ڪندا آهن. هن ۾ مخصوص بحر، وزن ۽ قافيي جي پابندي ڪانہ آهي. گيت ۾ عشقيہ، روماني، جذباتي، اخلاقي ۽ ٻيا موضوع مضمون پيش ڪيا وڃن ٿا. جديد گيت جي شروعات سنڌي شاعريءَ ۾ ڪشنچند بيوس (1885-1947) ڪئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.