گُلنار:(انگريزي: Dianthus ) گل اگرچ مدامي آهي، مگر اڪثر يڪ – سالو چڱو ٿيندو آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ پِنُڪ يا ڪارنيشن چوندا آهن. هن جا گهڻائي قسم آهن. هن جو مشهور قسم چيني آهي، جو تمام سهڻو ٿيندو آهي. هي جهمٽن ۾ ٿيندوآهي ۽ بيشمار رنگ ڪڍندو آهي. گل ڪن ته ٻج ڪرڻ نه ڏجين، وڍي ڇڏجين ته وري ٻيا گل ڪڍن. هي آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.

گلنار
ڊائنٿس ڪيريوفلس

گل

سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽو
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): ڪور ايوڊيڪاٽس
ترتيب: ڪيريوفلئلز
خاندان: ڪيريوفليشياء
نسل: ڊائنٿس
ايل.
جنسن جا قسم

ڊائنٿس ڪيريوفلس


ٻيو به هن جو هڪڙو قسم آهي جنهن کي پئڪوٽي چون ٿا، سو به تمام چڱو آهي. مٿئين قسم کان سواءِ ٻيا سڀ ڪونڊين ۾ پوکبا آهن ۽ وري پوءِ ٻين ڪونڊين ۾ ٽپائبا آهن ۽ اهي مدامي ٻوٽا شمار به ٿيل آهن. پوکبا اهي به آڪٽوبر ۾ آهن، ٽپائبا مارچ ۾ آهن. ٽپائي زمين ۾ به رکندا آهن. واري ۽ پراڻو ڳائو ڀاڻ هنن لاءِ چڱو آهي. هي اوڌن هڻڻ سان به ٿيندا آهن ۽ ٻج مان به. ڪا وڏي ٿڙ واري ڏانڊي، ورائي ڪونڊيءَ ۾ ٽنبي ڇڏبي ته ستت ئي پاڙون ڪڍندي. هنن جا قلم به لڳي سگهن ٿا. هي سڀ ذاتيون سخت قسم جون آهن، نازڪ ناهن. سردي ۽ گرمي سهي وينديون آهن. هن گل جا قسم شمار ڪيا ويا آهن، ته پنجاهن کان به وڌيڪ آهن. گلنار کي گل _ انار يعني ڏاڙهونءَ جو گل نه سمجهڻ گهرجي. سوئِيٽ وليم، ڪاچ فلاءِ، روز اف هيوَن انهيءَ جا ڪي مشهور انگريزي قسم آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو