گزھو(انگريزي: Guizhou ) عوامي جمهوريه چين جو زمين سان گھيريل صوبو آھي جيڪو چين جي ڏکڻ اولھ ريجن ۾ واقع آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر گييئنگ آھي جيڪو صوبي جي وچ ۾ واقع آهي. ھن صوبي جون حدون ڏکڻ ۾ گئانگزي واري خودمختيار ريجن سان، اولھ ۾ يونان صوبي سان، اتراولھ ۾ سيچوان صوبي سان، اتر ۾ چانگچنگ ميونسپل سان ۽ اوڀر ۾ ھونان صوبي سان ملن ٿيون. گزھو جي آبادي ٽي ڪروڙ چاليھ لک آھي ۽ اھو صوبو آبادي ۾ چين جو 19ھون وڏو صوبو آھي. ٻين چيني صوبن جي ڀيٽ ۾ ھن صوبي ۾ معاشي اصلاحون گھٽ ٿيون آهن. ھي صوبو قدرتي، ثقافتي ۽ ماحولياتي وسيلن سان سرشار آهي. ھتان جي قدرتي صنعت ۾ ٻيلا ۽ عمارتي ڪاٺ، توانائي واري صنعت ۽ کاڻون شامل آهي. ھن صوبي جو معاشي طور تي شمار غريب ۽ پوئتي پيل صوبن ۾ ٿئي ٿو. 2019ع ۾ ھن صوبي جو گھٽ ترين جي ڊي پي واري صوبن ۾ شمار ستين نمبر تي ھيو پر پوء بہ اھو چين جي سڀ کان وڌيڪَ تيزي سان ترقي ڪندڙ صوبن ۾ شامل ٿي چڪو ھو[5][6][7] اھو ھڪ جابلو صوبو آهي ۽ ان جا بلند ترين ھنڌ ان جي اولھ ۽ مرڪز ۾ آھن. ھن صوبي جي آبادي گھڻ نسلي ماڻھن تي مشتمل آهي. ان جو 37 سيڪڙو ماڻھو اقليتي نسلن سان تعلق رکندڙ آهن جن ۾ ميائو، بويئي، يي، تجيا ۽ ٻيا شامل آهن. ھتان جي عام ٻولي ڏاکڻي مينڊرين آھي.

گِزھُو صوبو
Guizhou
چيني صوبو
(گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان)
Map showing the location of Guizhou Province
نقشي ۾ گزھو صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 26°50′N 106°50′E / 26.833°N 106.833°E / 26.833; 106.833مڪانيت: 26°50′N 106°50′E / 26.833°N 106.833°E / 26.833; 106.833
ملڪ چين
نالو پيو گئي- گئي جبل
زھو (پريفيڪچر)
گادي جو هنڌُ
(۽ وڏي ۾ وڏو شھر)
گييئنگ
انتظامي ورهاست 9 پريفيڪچر، 88 ڪائونٽيون، 1539 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس گزھو صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري شين يچين
 • پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين شين يچين
 • گورنر لي بنگجون
 • پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين ليو شيئائوڪائي
پکيڙ[1]
 • ڪل 176,167 ڪ.م2 (68,018 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ ۾ 16ھون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (Jiucaiping) 2,900 ميل (9,500 ft)
آبادي (2010)[2]
 • ڪل 34,746,468
 •  ڪاٿو

  2019

36,230,000
گزھو صوبو
"گزھو" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
چیني نالو
آسان چیني 贵州
روایتي چیني 貴州
ھانیو پنین Guìzhōu
تبتي نالو
تبتي ཀུའེ་ཀྲོའུ་
Zhuang نام
Zhuang Gveicouh
贵州
Yi نالو
[[Yi زبان|Yi]] ꇭꍏ

حوالا سنواريو

  1. "Doing Business in China - Survey". Ministry Of Commerce - People's Republic Of China. حاصل ڪيل 5 August 2013. 
  2. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. وقت 27 July 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. (ٻولي ۾ Chinese). Statistical Bureau of Guizhou http://www.gzgov.gov.cn/zfsj/tjgb/201805/t20180528_1121713.html. حاصل ڪيل 2018-06-22.  Missing or empty |title= (مدد)
  4. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  5. 董志成. "Guizhou takes the green road to growth - Chinadaily.com.cn". www.chinadaily.com.cn. حاصل ڪيل 2019-06-12. 
  6. "How the trade war could impact China's big data hub Guizhou". EJ Insight. حاصل ڪيل 2019-06-12. 
  7. "Huawei, Guizhou to deepen partnership in big data area--China Economic Net". en.ce.cn. حاصل ڪيل 2019-06-12.